ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) ام رباب جيان ميھڙ ۾ ھڪ ٻيو واقعو، ٻيٽو جتوئي ۾ قتل ٿيل غلام سرور جون نياڻيون ريشمان ۽ صائمه پيرين اگهاڙي پريس ڪلب پھچي ويون، نادر مگسي سميت ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، 14 ڏينھن اڳ ميھڙ ۾ قتل ٿيل غلام سرور چانڊيو جي قتل ڪيس جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول جون نياڻيون صائمه ۽ ريشمان پيرين اگهاڙي پريس ڪلب پھتيون، ان موقعي تي وڏي تعداد ۾ ٻيا ماڻھو جمع ٿي احتجاج رڪارڊ ڪرايو، مظاھرين مطالبو ڪيو ته اڳوڻي صوبائي وزير نادر مگسي سميت ملوث ٻين جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، مقتول جي نياڻي ريشمان جو چوڻ ھو ته وڏيري نادر مگسي اسان جي بابا کي بي گناھ قتل ڪرايو آھي، اسان کي انصاف ڏياريو وڃي، منھنجو بابا 12 ربيع الاول لاءِ چانور وٺڻ ويو ھو، ظالم قتل ڪري اسان جو ويڙو ويران ڪري ڇڏيو آھي، آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو آھي ته اسان جي بابا جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي.