ڪراچي ۾ افغان شهري ڏوهن ۾ سڀني کان اڳتي آهن: ڪراچي پوليس سربراهه

ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي ۾ ڦر دوران ۾ ملوث افغاني وارداتون کانپوءِ ڪراچي جي سهراب ڳوٺ ۽ ملير جي علائقي علائقن ۾ لڪندا آهن ڪراچي ۾ قتل، ڀتا خوري يا اغوا، منشيات فروشن کان وٺي هٿيارن جي اسمگلنگ تائين، ڪراچي ۾ سنگين ڏوهن ۾ سڀ کان اڳتي آهن  ڪراچي پوليس چيف موجب اڪثر افغان شهري چورين ۽ ڦرن ۾ مزاحمت ڪرڻ تي بيگناهه شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا. ان کان علاوه مختلف علائقن ۾ وارداتن ۾ ملوث جي لڳ ڀڳ 1500  افغانين کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس مقابلن ۾ 20 کان وڌيڪ شڪي مارجي ويا، گذريل سال 350 افغانين کي وطن واپس موڪليو ويو .ايڊيشنل آءِ جي خادم حسين رند موجب شهر ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغانين جو انگ 4 لک کان وڌيڪ آهي، ڪراچي ۾ ڀتا خورن جو نيٽ ورڪ افغانستان مان ڪم ڪرڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي، ڪراچي ۾ ڀتا خوري جو نيٽ ورڪ افغانستان مان هلي رهيو آهي الآصف اسڪوائر ۽ ان جي پويان سڄو اوڀر علائقو انهن ڏوهاري افغانن جي ”لڪڻ  جو ٺڪاڻو “ آهي .جيڪڏهن توهان ڏينهن جي وقت به انهن علائقن جو دورو ڪريو ته توهان کي خوف محسوس ٿيندو، اتي ڪيترائي پوليس اهلڪار مارجي ويا آهن، چرس ۽ ٻيو منشيات سرعام وڪرو ٿي رهيو آهي، بجلي ۽ گيس جي چوري ڪئي وڃي ٿي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.