فلسطيني مزاحمت ڪندڙن اسرائيل جو غرور مٽي ۾ ملائي ڇڏيو: اسماعيل هانيه

غزا (م ڊ) فلسطين جي مزاحمتي تحريڪ حماس جي اڳواڻ اسماعيل هانيه چيو آهي، ته فلسطين جي مزاحمت ڪندڙن ڪجهه منٽن اندر اسرائيل جي طاقت جي غرور کي  مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. جنگ اسرائيل اندر وڙهي پئي وڃي. هن پوري فلسطيني قوم کي اپيل ڪئي ته جارح دشمن خلاف پوري تياري سان هر محاذ تي وڙهيو ويندو، هن چيو ته اسان کي اطلاع مليا آهن ته اسرائيلي دشمن مسجد اقصيٰ ۽ ٻين مقدس هنڌن خلاف هڪ مقدس چال هلي رهيو آهي. هن چيو ته حماس ان جنگ ۾ پنهنجي فتح جي دروازي ويجهو پهچي ويو آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.