عمران ۽ جنرل باجوا بابت جاويد چوڌري ڪالم ذريعي انڪشاف ڪيا

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ صحافي جاويد چوڌري جي ڪالم ۽ اڳوڻي آرمي  چيف جنرل باجوا جي انٽريو بابت پٽيشن تي نوٽيس جاري ڪيا آهن. هن سال جي شروعات ۾، اڳوڻي آرمي چيف مبينا طور تي ٻن صحافين سان انٽرويو ڪيو هو، جنهن ۾ هن قيد ڪيل اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان-تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سربراهه عمران خان جي اقتدار تان برطرفي، سول-ملٽري لاڳاپن ۽ ٻين معاملن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جنهن تي صحافي جاويد چوڌري ۽ شاهد ميتلا مضمون لکيا ۽ ٽي وي چينلز تي ڳالهايو.  ان کي بنياد بڻائي پٽيشنر عدالت ۾ درخواست ڪئي آهي. واضح رهي ته جاويد چوڌري جنرل باجوا جو انٽرويو ڄاڻائي ڪالم لکيو هو ته جنرل باجوا ۽ عمران خان جون ڳجهيون ملاقاتون ٿيون جيڪي ناڪام ٿي ويون. ملاقات ۾ عمران خان پنهنجي حڪومت بچائڻ، ايم ڪيو ايم کي واپس اتحادي حڪومت ۾ شامل ڪرڻ جو زور ڀريو هو. صحافي موجب جنرل باجوا بي اعتمادي بعد عمران خان کي استعيفيٰ نه ڏيڻ جو به چيو هو.  ن ليگ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي ملاقات جو به ذڪر هو جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته نواز شريف جا ڪيس ختم ٿيندا، عمران خان به ايندڙ چونڊ وڙهندو، سڪندر سلطان راجا چيف اليڪشن ڪمشنر هوندو، جڏهن ته جنرل باجوا کي 8 مهينن جي واڌ ملندي. سعودي ولي عهد بابت عمران خان جي گفتگو جو به ذڪر هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.