لاڙڪاڻو: جج سان بدتميزي ڪيس ۾ ايس ايڇ او ۽ ٻن اهلڪارن کي سزا

لاڙڪاڻو(ڊ ر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ شهدادڪوٽ کي يرغمال بڻائي بدتميزي ڪرڻ واري واقعي بابت داخل ريفرنس تي فيصلو ٻڌائيندي شهدادڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او انور علي بروهي، هيڊ ڪانسٽيبل حسند علي مگسي ۽ ڪانسٽيبل نادر بروهي کي 2، 2 مهينا قيد ۽ 25، 25 هزار روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي،  سزا بعد پوليس اڳوڻي ايس ايڇ او ۽ اهلڪارن کي گرفتار ڪري جيل منتقل ڪري ڇڏيو آهي، 23 ڏينهن اڳ عورت زبيده جمالي طرفان ڊسٽرڪٽ اينڊ قمبر شهدادڪوٽ جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ويو هو ته شهدادڪوٽ پوليس سندس مڙس زاهد جمالي کي باندي بڻايو آهي، سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ شهدادڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو هنيو ايس ايڇ او انور علي بروهي ۽ سندس ساٿي اهلڪارن سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ شهدادڪوٽ کي يرغمال بڻائي ساڻس بدتميزي ڪئي، عدالت ٻڌڻي دوران ريفرنس جو فيصلو ٻڌائيندي اڳوڻو ايس ايڇ او انور علي بروهي، هيڊ ڪانسٽيبل حسند علي مگسي ۽ ڪانسٽيبل نادر بروهي کي 2، 2 مهينا قيد ۽ 25، 25 هزار روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ٻئي پاسي سزا هيٺ آيل اڳوڻو ايس ايڇ او انور علي بروهي پنهنجي وڪيل معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ درخواست داخل ڪرائي جيڪا عدالت رد ڪري ڇڏي جنهن کان پوءِ پوليس عدالتي احاطي مان اڳوڻي ايس ايڇ او انور علي بروهي ۽ ٻن اهلڪارن کي گرفتار ڪري جيل منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.