9 مئي حملي ڪيس جي جوابدارن جو جيل ۾ ٽرائل ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (م ڊ)  جناح هائوس تي حملي واري ڪيس جو ٽرائل جيل ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پنجاب حڪومت جناح هائوس  حملي جي جوابدارن جو جيل ۾ ٽرائل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب سمورن جوابدارن جو ٽرائل سينٽرل جيل لاهور ۾ ٿيندو. نوٽيفڪيشن موجب عسڪري ٽاور تي حملا، شادمان ٿاڻي تي حملا ۽ ڀڃ ڊاهه جي ڪيس جو ٽرائل به جيل ۾ ٿيندو. پراسيڪيوشن جوابدارن جي خلاف چالان مڪمل ڪري عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. جناح هائوس حملي ڪيس جي اسپيشل پراسيڪيوٽر فرهاد علي شاهه صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته جناح هائوس حملي ڪيس ۾ جوابدارن جو انگ وڌيڪ آهي، ايتري وڏي انگ ۾ جوابدارن کي روزاني جيل مان عدالت آڻڻ ۽ واپس وٺي وڃڻ مشڪل ڪم آهي. اسان جي ڪوشش آهي ته جوابدارن جو ٽرائل جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. اي ٽي سي رولز جي تحت ڪيس جي ٻڌڻي روزاني ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.