اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير ۽ ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته مريم نواز کي پنهنجو ليڊر مڃان ٿو،شاهد خاقان عباسي کي نوازشريف جي آجيان لاءِ اچڻ گهرجي مان پاڻ شاهد خاقان کي دعوت ڏيڻ ويندس، هن چيو ته بيانئي بابت 21 آڪٽوبر کانپوءِ ماڻهن جي راءِ تبديل ٿي ويندي، نوازشريف سان ماضي ۾ زيادتيون ٿيون، هو عدالت جي اجازت سان ٻاهرين ملڪ علاج لاءِ ويو هو، سندس ميڊيڪل رپورٽ گواهي ڏيندي،هن چيو ته عدالت کيس حفاظتي ضمانت ڏئي ٿي ته ان تي ڪنهن کي اعتراض ڇو آهي؟ عدالت سرينڊر ڪرڻ تي کيس جيل موڪلي ٿي ته ڀلي جيل موڪلي، نوازشريف اسان سڀني جو ليڊر آهي،
سائفر ڪيس: عمران ۽ شاهه محمود تي 17 آڪٽوبر تي فرد جرم لاڳو ٿيندو
اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد جي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت سائفر ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 17 آڪٽوبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي. اسلام آباد جي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت جي جج ابو الحسنات تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي خلاف سائفر ڪيس جي اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ اسپيشل پراسيڪيوٽر ذوالفقار نقوي، وڪيل سلمان صفدر، ايف آءِ اي جي ٽيم ۽ جاچ آفيسر چالان جي ڪاپي سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيا. ان دوران شاهه محمود قريشي جي نياڻي ۽ پٽ زين قريشي به اڊيالا جيل پهتا. تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي کي اڊيالا جيل ۾ قائم عدالتي ڪمري ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت ۾ ٻڌڻي دوران سائفر ڪيس ۾ جوابدارن کي چالان جون ڪاپيون فراهم ڪيون ويون. عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ ڏيندي 17 آڪٽوبر تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
دنيا کي ٻٽو معيار ختم ڪرڻو پوندو: گڏيل قومن ۾ فلسطيني نمائندو
گڏيل قومون (م ڊ) گڏيل قومن ۾ فلسطين جي نمائندي رياض منصور اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ واڌ بعد اولهه جي ردعمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته فلسطينين تي ڪيل ظلم تي عالمي برادري خاموش تماشائي بڻيل آهي. دنيا کي ٻٽو معيار ختم ڪرڻو پوندو. سعودي خابرو اداري مطابق هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اسرائيل کي دفاع جو حق ڏيڻ جي ڳالهه فلسطينين جي قتل عام جو لائسنس ڏيڻ جي برابر آهي. رياض منصور چيو ته سندس ملڪ اسرائيل کي انهن قدمن کان ڪيترائي ڀيرا خبردار ڪيو آهي، پر عالمي برادري ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي. هن زور ڀريو ته اسرائيل جي غزا جي گهيراءَ سان شهرين جي ڏکيائين ۾ اضافو ٿيو آهي.