تل ابيب (م ڊ) اسرائيل جي دفاع واري وزير يوايو گيلانٽ چيو آهي ته جنگ جا اصول بدلجي ويا آهن، حماس اسرائيل تي حملي کان پوءِ 50 سالن تائين پڇتائيندي. اسرائيل جي اخبار ٽائمز آف اسرائيل مطابق دفاع واري وزير ڏکڻ اسرائيل جي اوفاڪيم علائقي جو دورو ڪيو جنن تي فسلطينين حملو ڪيو هو. هن چيو ته غزه جي پٽي ۾ اسرائيل جي جوابي ڪارروائي ايندڙ 50 سالن تائين ماڻهن جي ذهنن ۾ تازي رهندي اسرائيل تصديق ڪئي ته غزه ۾ گهٽ ۾ گهٽ 100 اسرائيلن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي