ڪراچي، شاگردياڻين سان فحش حرڪتون ڪندڙ اسڪول پرنسيپال گرفتار

ڪراچي (رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي جي هڪ ٻئي اسڪول ۾ هيڊ ماستر پاران شاگردياڻين سان نازيبا حرڪتن جو واقعو سامهون اچي ويو، ڪورنگي سعود آباد ۾ ڏهين ڪلاس جي شاگردياڻي کي حراسان ڪرڻ وارو واقعو پيش آيو، ڪورنگي، شاگردياڻين جي والد سعود آباد ٿاڻي پهچي واقعي کان آگاهه ڪيو. ايس ايس  پي ڪورنگي حسن سردار نيازي  فوري طور تي جوابدار جي گرفتاري جو حڪم ڏنو ويو، ايس ايس پي ڪورنگي موجب سرڪاري اسڪول جو پرنسپال شاگردياڻين سان نازيبا حرڪتون ڪندو هو، والد درخواست ۾ ڄاڻايو آهي ته اسڪول جو پرنسپال شاگردياڻين کي پنهنجي آفيس ۾ گهرائي نازيبا حرڪتون ڪري ٿو، ايس ايڇ او سعود آباد محمد علي پوليس ساڻ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب گرفتار اسڪول هيڊ ماستر جي سڃاڻپ اعظم ولد ڪوڙو خان سان ٿي آهي. گرفتار جوابدار جي خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.