ميرپورخاص(بيورورپورٽ) حُڪومت پاران ملڪ ۾ غيرقانوني طور رهندڙ افغانين کي ملڪ ڇڏڻ لاءِ ڏنل مهلت ۽ پوليس سميت قانون نافذ ڪندڙ ادارن پاران غيرقانوني طور شهرن ۽ ڳوٺن ۾ رهندڙ افغانين جون لسٽون جوڙڻ جو سلسلو شروع ٿيڻ تي افغانين ۾ ٻڙدڪ متل آهي، ميرپورخاص شهر جي مختلف علائقن ۾ غيرقانوني رهائش پذير ۽ شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪاروبار ۽ پٺاڻن جي هوٽلن، ريڙهن ۽ خشڪ ميون جي دڪانن سميت مختلف ڪم ڪندڙ افغانين پاران پنهنجي ڪم کي مقامي واسطيدار پٺاڻن ۽ افغانين جي حوالي ڪري شهر کان پري ننڍن ننڍن غير معروف ڳوٺن ڏانهن منتقل ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ذريعن موجب حڪومت جي سخت فيصلي بعد ذريعن موجب غيرقانوني طور ميرپورخاص ۽ ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ رهندڙ افغانين جا ڪٽڪ خاموشي سان رات وچ ۾ لڏ پلاڻ ڪري رهيا آهن جڏهن ته حُڪومت جي ڊيڊلائين پوري ٿيڻ کان اڳ ميرپورخاص پوليس ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن پاران غيرقانوني طور رهندڙ افغانين جو ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو سلسلو پڻ جاري آهي.