جنرل باجوا، فيض حميد، عمران،علوي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: ايمل ولي

بونير(م ڊ) عوامي نيشنل پارٽي جي صوبائي صدر ايمل ولي خان چيو آهي ته عوامي نيشنل پارٽي جنرل باجوا ۽ جنرل فيض جي مهربانين  جي محتاج ناهي، جيڪي 10 سالن تائين اقتدار ۾ هئا اهي هاڻي ٻرن ۾ لڪيل آهن، رياست دهشتگردن کي واپس آڻيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري، بونير خدو خيل ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ايمل ولي خان مطالبو ڪيو ته جنرل باجوا، جنرل فيض، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، صدر عارف علوي، محمود خان ۽ بئريسٽر سيف خان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.جي اين پي جي صوبائي صدر چيو ته حماس جو اسرائيل تي حملو مسلمانن ۽ فلسطين لاءِ وڌيڪ پيچيدگين جو سبب بڻجندو، 9/11 کانپوءِ به اسان جشن ملهايو پر نتيجو سڀني ڏٺوهن وڌيڪ چيو ته افغانين تي دهشتگردي جا الزام هڻڻ ۽ کين ملڪ مان بي دخل ڪرڻ هڪ مذاق کان سواءِ ڪجهه به ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.