سپريم ڪورٽ آئين کان مٿانهان رولز ٺاهي ته ڪير ته هجي جو کيس ياد ڏياري: چيف جسٽس

اسلام آباد(م ڊ) پارليامينٽ سٺي نيت سان قانونسازي ڪئي آهي، جيڪڏهن ڪو مريض مري رهيو هجي ته ميڊيڪل جي سمجهه رکندڙ رڳو ان ڪري مريض کي مرڻ ڏئي ته هو ڊاڪٽر نه آهي؟ ؟ پارليامينٽ کي چيو ويندو آهي ته نمبر گيم پوري ٿيڻ گهرجي، پر هڪ ماڻهو اچي پارليامينٽ کي ربر اسٽيمپ بڻائي ٿو. چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ آئين کان مٿانهان رولز ٺاهيندي ته ڪير ته اهو ياد ڏياريندو ته آئين جي دائري ۾ رهو، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته پارليامينٽ رولز نه ٿي ٺاهي سگهي ۽ نه وري رولز ٺاهڻ لاءِ قانونسازي ڪري سگهي ٿي، هاڻوڪي قانون جي دائري ۾ رهندي رولز ۾ تبديليءَ جو اختيار رڳو سپريم ڪورٽ وٽ آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته چيف جسٽس کي جيڪي اختيار ڏنا ويا آهن اهي آئين ۾ درج آهن. چيف جسٽس کي سپريم ڪورٽ کانسواءِ سمورا اختيار ڪٿي ڏنا ويا آهن، جنهن تي وڪيل عدنان خان چيو ته آئين چوي ٿو ته چيف جسٽس پاڻ بغير ڪنهن مشاورت جي بينچ ٺاهي سگهي ٿو. سپريم ڪورٽ بار جي صدر عابد زبيري چيو ته آئين مان آئين ۽ قانون موجب رولز ٺاهڻ جا لفظ هٽايا وڃن ته به فرق نه پوندو، چيف جسٽس چيو ته بس ٺيڪ آهي جواب اچي ويو، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته هڪ ٻيو سوال آهي ته ڇا سپريم ڪورٽ پارليامينٽ جي اختيار کان تجاوز ڪندي قانون ٺاهي سگهي ٿي؟ آئين سپريم ڪورٽ کي آئين ۽ قانون مطابق رولز ٺاهڻ لاءِ بااختيار بڻائي ٿو، ڳالهه ختم، عابد زبيري چيو ته جڏهن سپريم ڪورٽ رولز ٺاهي ورتا ته پوءِ انهن کي قانون ذريعي بدلائي نه ٿو سگهجي. سُپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواستن تي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.  چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏيندي چيو ته سڀاڻي (اڄ) ساڍا 11 وڳي وڪيلن کي ٻڌنداسين، متحده جي وڪيل چيو ته سڀاڻي منهنجا به دليل ٻڌا وڃن، چيف جسٽس چيو ته اِن جو فيصلو اڄ ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.