حماس اسرائيل جنگ ۾ شدت،غزا جو پاڻي بند، قطر جي ٽياڪڙي

والاريل بيت المقدس(م ڊ)اسرائيل ۾ حماس جي هڪ وڌيڪ ڪارروائي، عسقلان شهر ۾ وڌيڪ 15 اسرائيلي مارجي ويا، اسرائيلي فوجين جي فائرنگ ۾ حماس جا 4 ويڙهاڪ مارجي ويا،اسرائيل غزا جي مڪمل ناڪابندي ڪري ڇڏي آهي، پاڻي فراهمي معطل ڪئي وئي آهي،قطر جي پرڏيهي وزارت تصديق ڪئي آهي ته اهو حماس ۽ اسرائيلي اختيارين وچ ۾ ٽياڪڙي  جي ڪوشش ڪري رهيو آهي،قيدين جي ڏي وٺ سميت ڳالهيون ڇنڇر جي رات کان جاري آهن،  عرب ميڊيا موجب حماس اسرائيل جي فوجي اڏي ۾ موجود بڪتر بند ۽ هٿيارن تي قبضو ڪري ورتو،اسرائيل جي 8 شهرن ۾ حماس ۽ اسرائيلي فوجين وچ ۾ ويڙهه جاري آهي، هزارين گهر اُجڙي ويا، هن وقت تائين فلسطين ۾ ڪيترائي معصوم ٻار به شهيد ٿي چڪا آهن،آمريڪي ٽي وي موجب حماس وڌيڪ هڪ اسرائيلي شهر تي راڪٽ حملا ڪيا، حماس جي ڪارروائين ۾ سينيئر فوجي آفيسر سميت 50 کان وڌيڪ اسرائيلي فوجي ۽ 1100 کان وڌيڪ اسرائيلي شهري مارجي ويا، 22 سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا،غزه ۾ اسرائيل جي ڇتي بمباري ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت شهيد فلسطينين جو انگ وڌي 560 ٿي ويو، ٻارن سميت 23 سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيااسرائيل فلسطين ڇڪتاڻ تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جو بند ڪئمرا اجلاس بنا نتيجي ختم ، نه باضابطه ٺهراءُ پيش ٿيو نه ئي گڏيل پڌرائي يا بيان جاري ٿي سگهيو،ميڊيا رپورٽس موجب، امريڪا طرفان ميمبرن ملڪن تي زور ڏنو ته اسرائيل تي حماس جي حملي جي مذمت ڪن، امريڪي ۽ اسرائيلي مطالبي جي باوجود ڪيترن ئي ميمبر ملڪن حماس جي حملي جي مذمت نه ڪئي جنهن تي امريڪا افسوس جو اظهار ڪيو،روس جنگ بندي ۽ ڳالهين تي زور ڏيندي چيو ته سلامتي ڪونسل فلسطين بابت طئي ٿيل معاهدي تي عملي ڪري، چين جو چوڻ هو ته اها غيرمعمولي ڳالهه آهي ته سلامتي ڪونسل ڪجهه نه چيو، عام شهرين جي خلاف ڪيل سمورن حملن جي مذمت ڪيون ٿا هوڏانهن گڏيل قومن چيو آهي ته غزا پٽي ۾ هڪ لک 23 هزار ماڻهو مقامي طور بي گهر ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي  سلامتي ڪائونسل اسرائيل خلاف ڪارروائيءَ تي حماس جي مذمت جو آمريڪي مطالبو رد ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل بند ڪمري واري اجلاس ۾ آمريڪا سمورن 15 ميمبرن کان مطالبو ڪيو ته هو حماس طرفان اسرائيل خلاف دهشتگرد حملن جي شديد مذمت ڪري پر ڪائونسل جي ميمبرن آمريڪي مطالبي تي ڪا فوري ڪارروائي نه ڪئي. آمريڪي نائب سفير رابرٽ ووڊ بعد ۾ صحافين کي ٻُڌايو ته ڪجهه ملڪ حماس جي حملي جي مذمت تي آماده هئا پر ڪائونسل جي سمورن ميمبرن ان سان اتفاق نه ڪيو. گڏيل قومن ۾ روس جي سفير ويسلي نيبنزيا چيو ته اسان شهرين تي ٿيل سمورن حملن جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته روس جو پيغام آهي ته هي ضروري آهي ته جهيڙي کي فوري طور روڪيو وڃي، جنگبندي ڪئي وڃي ان کان اڳ چيني سفير زانگ جون پڻ چيو ته سندس ملڪ شهرين تي ٿيل حملن جي شديد مذمت ڪري ٿو پر هن به حماس جو ذڪر نه ڪيو. چيني سفير چيو ته اهم ڳالهه هي آهي ته صورتحال کي وڌيڪ ڇِڪتاڻ کان روڪيو وڃي ۽ شهرين جون وڌيڪ فوتگيون نه ٿين ۽ هي اهم آهي ته ڌُرين کي ٻه رياستي حل طرف واپس آڻڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.