رياض(م ڊ) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان حماس طرفان اسرائيل تي اوچتي حملي بعد تشدد ۾ واڌ کي گهٽائڻ تي زور ڀريو آهي، عرب نيوز مطابق بيان ۾ چيو ويو آهي، ته سعودي عرب سمورين ڌرين تي زور ڀري ٿو ته اهي عالمي قانون جو احترام ڪن. هوڏانهن سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن 24 ڪلاڪن ۾ 2 ڀيرا ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن غزه ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ جاري ڇڪتاڻ جي خطرن ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ضروري طريقو ڳولهڻ جي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڀريو. هوڏانهن سعودي عرب چيو آهي، ته سندس ملڪ غيرهٿياربند فلسطينين کي ڪنهن به ريت نشانو بڻائڻ وارين ڪارروائين کي رد ڪري ٿو. سعودي خابرو اداري مطابق پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آمريڪا، مصر، قطر، اردن جي هم منصبن ۽ يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه سان ٽيليفون تي فلسطين بابت صورتحال تي ڳالهيون ڪندي اسرائيل ۽ فلسطين ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ واڌ کي گهٽائن ۽ سمورين ڌرين کي انساني حقن بابت عالمي قانونن جي احترام ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي.