فضل الرحمان جي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو پيو وڃي: راشد محمود

مٽياري (رپورٽ: ضمير خاصخيلي) جي يو آءِ سنڌ اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو چيو آهي ته سنڌ جو عوام هن وقت ماني ڳڀي  لاءِ پريشان آهي، عزتون ڌاءُ تي لڳل آهن، امڙن، نياڻين، ٻچڙن جون عزتون محفوظ ناهن سنڌ اندر بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، مٽياري ڳالهائيندي هن چيو ته  مرتضيٰ ملاح جي واقعي تي جي يو آءِ سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي، اڳ جي دور جا ڌاڙيل به غيرتمند هوندا هئا جيڪي نياڻين جي عزتون ڪندا هئا پر هاڻوڪا ڌاڙيل نياڻين کي اغوا ڪري ڀنگ طلب ڪن ٿا، هن وڌيڪ چيو ته جي يو آءِ جو ڌارين جي آبادڪاري تي چٽو موقف آهي ته کين فوري طور تي نيڪالي ڏني وڃي پر ان جو ڪو طريقيڪار مقرر ڪيو وڃي، ائين ڪنهن جي به تذليل ڪرڻ سٺو عمل ناهي، مولانا فضل الرحمان جي بيان کي غلط طريقي سان پيش پيو ڪيو وڃي، سنڌ يا ملڪ ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ وارا ڪير آهن، ملڪ اندر ڊي سي انهن کي زمينون ڏيڻ وارا ۽ ايس ايس پي انهن کي رستا ڏيڻ وارا آهن، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته قومپرست پارٽين سان سنڌ جي اشوز تي فقط اسانجي جماعت ئي ڪلهو ڪلهي ملائي بيٺي آهي، اجائي تنقيد کان پاسو ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.