يروشلم(م ڊ) بئنڪ آف اسرائيل اوپن مارڪيٽ ۾ 30 ارب ڊالرن جي پرڏيهي ڪرنسي وڪرو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. خابرو اداري موجب حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگ کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال جي نتيجي ۾ بئنڪ آف اسرائيل پهريون ڀيرو اوپن مارڪيٽ ۾ 30 ارب ڊالرن جي پرڏيهي ڪرنسي وڪرو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. بئنڪ آف اسرائيل جو چوڻ آهي ته اها صورتحال ۽ مارڪيٽن جو جائزو وٺڻ جاري رکندي ۽ مناسب طور تي سڀني دستياب طريقن سان عمل ڪندي. خابرو اداري موجب بئنڪ آف اسرائيل طرفان اعلان کان اڳ اسرائيلي ڪرنسي جو ملهه 7 سالن جي گهٽ ترين سطح تي رڪارڊ ڪيو ويو. جڏهن ته بئنڪ آف اسرائيل جو هي قدم حماس جي حملن دوران ڪرنسي جي گرڻ واري قدر کي منظم ڪرڻ آهي.