بيجنگ(م ڊ) چين جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته چين کي فلسطين اسرائيل ۾ ڇڪتاڻ ۽ تشدد ۾ اضافي تي گهري ڳڻتي آهي، چين سمورين ڌرين تي زور ڀري ٿو ته اهي صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪندي فائر بندي ڪن،شهرين جي حفاظت ڪن ۽ خراب ٿيل صورتحال کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان روڪن. ميڊيا رپورٽن موجب پرڏيهي وزارت وڌيڪ چيو ته عالمي برادري کي فلسطين مسئلي جي حل لاءِ ڳالهين واري عمل کي اڳيان وڌائڻ گهرجي ۽ امن لاءِ رستو ڳولهڻ گهرجي، چين ان مقصد لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو.