ٽنڊي الهيار ۾ مڙس زال کي تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو

ٽنڊوالهيار (رپورٽ : حسرت لغاري ) ٽنڊوالهيار ۾ مڙس پهنجي زال کي مبينا تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو . پوليس عورت جي مڙس کي  گرفتار ڪري ورتو، بي سيڪشن ٿاڻي جي حد پياز فيڪٽري واري علائقي ۾ مڙس جهانزيب انصاري گهر اندر پنهنجي 25 ورهين جي زال رابيل اسلم کي مبينا تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو ناري کي علاج لاءِ حيدرآباد داخل ڪيو ويو جتي زخمن جا تاب نه سهندي عورت فوت ٿي وئي، عورت رابيل اسلم جي ماءُ ڪشور بي بي جو لاش کڻائي بي سيڪشن ٿاڻي پهتي جتي اين سي داخل ڪرڻ بعد لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال ٽنڊوالهيار آندو ويو ۽ ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ناري رابيل اسلم جي ماءُ ڪشور بي بي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته پنجاب جا رهواسي آهيون، منهنجي ڌيءَ جي مڙس جهانزيب انصاري 2 ڏينهن پهرين منهنجي ڌيءَ رابيل کي سخت تشدد ڪري گھران ڪڍي ڇڏيو هو جنهن بعد اسان ٽنڊوالهيار پهچي نياڻي کي کڻي سول اسپتال ٽنڊوالهيار پهتاسين ته ڊاڪٽرن نياڻي جي حالت خراب هجڻ ڪري حيدرآباد جي اسپتال ۾ ريفر ڪيو هو جيڪا زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي، پوليس نياڻي جي مڙس جهانزيب انصاري کي گرفتار ڪري ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.