شڪاگو (ويب ڊيسڪ) آمريڪي شهر شڪاگو ۾ هڪ ئي عمارت سان ٽڪرائجڻ سبب هڪ هزار پکي مري ويا.
ميڊيا رپورٽس موجب امدادي رضاڪار اتر آمريڪا جي سڀ کان وڏي ڪنوينشن سينٽر ميڪ ڪارمڪ پيلس ۾ مري ويل پکين کي گڏ ڪري رهيا آهن.
شڪاگو برڊ ڪوليشن مانيٽرس جي ڊائريڪٽر اينيٽ پرنس جو چوڻ هو ته اسان کي پکين جو وڏو انگ مليو آهي، جن مان ڪجهه مُئل ۽ زخمي به آهن.
اينيٽ پرنس وڌيڪ چيو ته هڪ ئي ڏينهن ۾ مري ويل پکين جو اهو سڀ کان وڏو انگ هو.
هتي اها ڳالهه ذڪر ڪرڻ جوڳي آهي ته عمارت جو شيشو قدرتي ناهي پر ٺوس هوندو آهي، انهيءَ ڪري پکي اهو ناهن سمجهي سگھندا ته ان تي نظر ايندڙ وٽ يا آسمان جو عڪس حقيقي ناهي.
اهڙيءَ طرح پکي شيشن جي ذريعي آسمان يا انڊور ٻوٽن کي ڏسندا آهن، ته اهي ان تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ اهو ناهن ڏسي سگھندا ته رستي ۾ هڪ رنڊڪ جي طور تي شيشو به موجود آهي.
يونيورسٽي آف ويسٽرن اونٽاريو ۾ پکين تي تحقيق ڪندڙ برينڊن سيموئلز چيو ته متاثر پکين جو اصل انگ ڪجهه ڏينهن ۾ خبر پئجي ويندو ڇو جو ماڻهو شهر ۾ پکين کي کڻڻ جاري رکندا آهن.
آمريڪن برڊ ڪنزروينسي مين برائن لينز چيو ته ساليانو هڪ ارب پکي ائين ٽڪر جي ڪري مري ويندا آهن.
پکي گھڻو ڪري امڪاني طورتي ڪئناڊا کان ڏکڻ ۽ وچ آمريڪا جي رستي کان اچي رهيا هئا.
آمريڪا جي سمورن شهرن جيان شڪاگو ۾ عمارتن ۾ ٻرندڙ لائيٽس پکين لاءِ هڪ وڏو خطرو آهن. عمارتن جون لائيٽس بند ڪرڻ پکين جي موت کي گھٽائڻ جو هڪ طريقو آهي.
You might also like