تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي اخبار يروشلم پوسٽ دعويٰ ڪئي آهي ته طالبان اسرائيل تائين پهچڻ لاءِ ايران کان رستو گهريو آهي ته جيئن اهي وڃي ”جهاد“ ڪري سگهن ۽ حماس جو ساٿ ڏئي سگهن.
يروشلم پوسٽ ۾ ان دعويٰ جي اشاعت کان اڳ هڪ ٽوئيٽر اڪائونٽ تان دعويٰ ڪئي وئي هئي ته طالبان اسرائيل پهچڻ چاهين ٿا.
اسرائيلي اخبار موجب طالبان مبينا طور ايران کي درخواست ڪئي آهي ته اهي حماس جي اسرائيل خلاف ويڙهه ۾ مدد ڪرڻ چاهين ٿا.
طالبان مبينا طور تي چيو آهي ته جيڪڏهن ايران، اردن ۽ عراق انهن جي فوجين جي حمايت ڪرڻ لاءِ تيار آهن ته يروشلم کي فتح ڪرڻ لاءِ رستو ڏين.
هوڏانهن عالمي معاملن جي ماهرن جو چوڻ آهي ته اهڙي قسم جي رپورٽن تي يقين نه ڪرڻ گهرجي.
ڪجهه سوشل ميڊيا واهپيدارن جو چوڻ آهي ته جنهن اڪائونٽ تان چيو ويو ته طالبان ايران رستي اسرائيل پهچڻ چاهين ٿا، ان پويان اشرف غني جي حڪومت جا ماڻهو آهن.
Prev Post
You might also like