ڪراچي: جوابدار پوليس کان بچڻ لاءِ نالي ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيو ڪراچي صنعتي ايريا ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ جوابدار پوليس اهلڪارن جي خوف کان نالي ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، جنهن کي زخمي حالت ۾ ٻاهر ڪڍي گرفتار ڪيو ويو.
ڪراچي جي علائقي نيو ڪراچي صنعتي ايريا ۾ پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو ٿيو، ان دوران هڪ جوابدار خوف کان نالي ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، جنهن جي وڊيو به وائرل ٿي وئي.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جوابدار نالي اندر اڌ بيهوشي جي حالت ۾ زخمي پيل آهي، جڏهن ته ماڻهن جو هجوم به ڏسي سگهجي ٿو.
ايس ايس پي سينٽرل ٻڌايو ته جوابدار کي زخمي حالت ۾ نالي مان ڪڍيو ويو، جڏهن ته سندس ٻئي ساٿي جي ڳولا جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.