وچ اوڀر ۾ نئين بحران سان پاڪستان کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟

واشنگٽن ڊي سي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي تجزيه ڪار مائيڪل ڪوگل مين چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ نئين بحران سان پاڪستان کي فائدو ٿيندو.

سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي مائيڪل ڪوگل مين لکيو ته وچ اوڀر ۾ نئين بحران سبب اسرائيل ۽ سعودي عرب وچ ۾ لاڳاپن جي بحالي جو معاملو دير جو شڪار ٿي ويندو.

هن چيو ته ان سان پاڪستان کي فائدو ٿيندو ڇو جو جيڪڏهن سعودي عرب لاڳاپا بحال ڪري ها ته پاڪستان به دٻاءَکي منهن ڏئي  ها.

آمريڪي تجزيه ڪار چيو ته پر پاڪستان جو ائين ڪرڻ جو ڪو به ارادو ناهي ڇو جو سندن مطالبو آهي ته پهريان هڪ فلسطيني رياست هجڻ گھرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.