اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس جي جيل ۾ ٽرائل ۽ ٽرائل ڪورٽ جي جج جي مقرريءَ جي حوالي سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي درخواست ٻن کان ٽن ڏينهن اندر فيصلو ٻڌائڻ جو اشارو ڏئيڇڏيو. پي ٽي آءِ چيئرمين جي جلد فيصلي جي متفرق درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان وڪيل شير افضل مروت ايڊووڪيٽ پيش ٿيو.