پيپلزپارٽي ۾ ڏار: ڪمال چانگ پارٽي ڇڏڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

بدين (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) پيپلز پارٽي ۾ اندروني ڏار شروع ٿي ويا، ڪمال چانگ به خاموشي ٽوڙي ڇڏي، اڳوڻي ايم اين اي ۽ اڳوڻي ضلعي ناظم بدين سردار ڪمال خان چانگ ڳوٺ سردار يوسف خان چانگ ۾ سڏايل برادري جي ڪٺ کي خطاب ڪندي چيو ته آئون 32 سالن کان وڌيڪ پ پ پ ۾ رھيو آھيان، مون پيپلزپارٽي ناھي ڇڏي، مون ضلعي ناظمي جي دور ۾عوام جي وڏي خدمت ڪئي، گذريل ڪيترن ئي سالن کان قيادت نظرانداز ڪري برادري سميت ديوار سان لڳايوآھي، جيڪڏهن ٽڪيٽ نه ڏني وئي ته آزاد حيثيت ۾ اليڪشن ۾ مقابلو ڪندس، هن چيو ته مون گهڻو ڀوڳيو آھي ھاڻي برادري به فيصلو ڪيو آھي ته آزاد حثيت ۾ اليڪشن وڙهان، ان ڪري جي پيپلز پارٽي جاءِ ڏني ته ڪم ڪندس باقي برداري جي تڪليف پنھنجي تڪليف سمجھان ٿو، پيپلز جي ڪيترن پراڻن ماڻھن کي ڀت سان لڳائي نون چھرن جي انٽري سبب پيپلز پارٽي خلاف طاقتور محاظ کلي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.