حيدرآباد (پ_ر) عوامي تحريڪ صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر حورالنساءِ پليجو، مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ وسند ٿري ۽ مرڪزي اڳواڻ حسين سومري ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ واري فيصلي تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ غيرقانوني طور آباد افغانين ۽ ٻين غيرملڪين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ ڪي به جوڳا اپاءُ ناهن ورتا ويا، افغانين سميت ٻين غيرملڪين کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ سان گڏ رجسٽر پناهگيرن کي به سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ رهائڻ بدران بارڊر تي ڪيمپون قائم ڪري کين انهن ڪيمپن ۾ رهايو وڃي، پيپلز پارٽي ۽ اسٽيبلشمينٽ لکين غيرملڪين کي جعلي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏنا، هاڻي حڪومت ٻڌائي ته اهي جعلي شناختي ڪارڊ ٺاهي ملڪ جي سيڪيورٽي ۽ سلامتي کي نقصان پهچائيندڙ نادرا جي گهڻن آفيسرن خلاف ڪاروائي ٿي آهي؟ غيرقانوني طور آباد غيرملڪين کي فقط لاهور ۽ اسلام آباد مان نيڪالي ڏني پئي وڃي، سنڌ ۾ آباد غيرملڪين کي پيپلز پارٽي جي سهولتڪاري ۾ سنڌين مٿان مڙهيو پيو وڃي، نتيجي ۾ پنجاب ۾ آيل افغانين جا ڪٽڪ به سنڌ ۾ اچڻ جو خدشو آهي، ملڪ جي حڪمرانن سنڌ کي غير قانوني طور آيل غير ملڪين جو پناهه گاهه بڻائي ڇڏيو آهي، وفاق توڙي سنڌ حڪومت جواب ڏئي ته 40 لکن مان گهڻا شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويا آهن؟ شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪري ملڪ مان نيڪالي ڏيندڙن جو تعداد عوام اڳيان پڌرو ڪيو وڃي.