ڪيف (م ڊ) روس يوڪرين جي اولهه واري حصي ۾ موجود ڳوٺ تي ميزائل حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ 6 ورهين جي ٻار سميت 51 ڄڻا مارجي ويا، پرڏيهي خابرو اداري موجب يوڪرين جي گھرو وزير چيو آهي ته روس اهو حملو ڪوپيانسڪ شهر جي ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ موجود ڪيفي ۽ هڪ دڪان تي ڪيو، حملي جي خبر پوندي ئي انتظاميا ۽ ريسڪيو ٽيمون ٿڏي تي پهتيون ۽ ملبي هيٺ دٻجي ويلن کي ٻاهر ڪڍيو،گھرو وزير موجب ملبي هيٺان 6 ورهين جي ٻار سميت ٻين لاشن کي ڪڍيو ويو آهي جن مان 29 لاشن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، يوڪريني گھرو وزير ان کي ٻيون وڏو حملو قرار ڏنو آهي جنهن ۾ 51 ڄڻا مارجي ويا آهن، ان کان اڳ 2022ع جي شروعات ۾ روس طرفان ڪراماٽوسڪ شهر جي ريلوي اسٽيشن تي حملو ڪيو ويو هو جنهن ۾ 60 ڄڻا مارجي ويا هئا.