امن جو نوبل انعام عورتن جي حقن جي علمبردار ايراني عورت جي نانءُ

اوسلو ( ويب ڊيسڪ ) ايران سان واسطو رکندڙ عورتن جي حقن جي علمبردار نرگس محمدي امن جو نوبيل انعام پنهنجي نالي  ڪري ورتو، نرگس محمدي کي ايران ۾ عورتن مٿان ٿيندڙ ظلم خلاف آواز اُٿارڻ تي امن جو نوبل انعام جو حقدار قرار ڏنو ويو، نوبيل ڪميٽي جي سربراهه بيرٽ ريس اينڊروسن جو چوڻ آهي ته امن جو نوبيل انعام انساني حقن ۽ آزادي لاءِ نرگس محمدي جي جدوجهد جو اعتراف آهي، امن ڪميٽي موجب، نرگس محمد عورتن جي حقن ۽ آزادي جي تمام ڳري قيمت ادا ڪئي، نرگس محمدي کي تيرنهن ڀيرا گرفتار ڪيو ويو، کيس مختلف الزامن هيٺ مجموعي طور ايڪٽيهه سال قيد ۽ 154 ڪوڙن جي سزا ٻڌائي وئي، نرگس محمدي تهران جي ايوان جيل ۾ قيد ۽ ڪيئي ڪيسن کي منهن ڏئي رهي آهي، نرگس محمد هڪ غيرسرڪاري فلاحي اداري ڊيفينڊرز آف هيومن رائٽس سينٽر جي نائب سربراهه پڻ آهي، جيڪو 2003 ۾ امن جو نوبيل انعام کٽيندڙ شيرين عباسي هلائيندي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.