لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي واکاڻ ڪئي ۽ کيس پنهنجي دور جو ڪامياب پرڏيهي وزير قرار ڏئي ڇڏيو. ماڊل ٽائون ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهباز شريف جو چوڻ هوته بلاول ڀٽو پنهنجي پيپلز پارٽي جو چيئرمين آهي، اسان جي سياست ڌار ڌار آهي، پر اسان جي وچ ۾ عزت احترام جو هڪ رشتو آهي، هو ننڍن ڀائرن جيان آهي. هن چيو ته بلاول سندس دور جو ڪامياب پرڏيهي وزير هو، هن وڏي محنت ڪئي، ساڻس جلد ملاقات ڪندي ۽ فري اينڊ فيئر اليڪشن بابت ڳالهيون ڪنداسين. پريس ڪانفرنس دوران صحافي جي هڪ سوال تي شهباز شريف چيو ته هو ڀڄندو ڀڄندو نه پر جهاز تي لنڊن ويو هو، جنهن تي ٽهڪڙو مچي ويو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اِهو سوال هر هر نه پڇڻ گهرجي ته نواز شريف ايندو يا نه، سندس پاسي ۾ ڪائي قانوني رنڊڪ نه آهي. هن چيوته قانوني ماهرن نواز شريف کي ڏيهه واپسي لاءِ گرين سنگل ڏئي ڇڏيو آهي هو 21 آڪٽوبر تي ايندو ۽ مينار پاڪستان تي جلسي کي خطاب ڪندو. هن چيو ته ٻارنهن آڪٽوبر تي کيس ۽ نواز شريف کي ڪيئي مهينن لاءِ گم ڪيو ويو، اسان ته جي ايڇ ڪيو تي حملو نه ڪيو، معاهدا ڪيون ها ته نواز شريف کي جيل نه ڪاٽڻا پون ها، رياست بچي وئي ته سياست به بچي ويندي.