لنڊن آفيس ۾ آخري ڏينهن، وطن روانو ٿي ويندس: نواز شريف

لنڊن ( م ڊ ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي ته آفيس ۾ آخري ڏينهن پوءِ هو وطن لاءِ روانو ٿي ويندو. لنڊن ۾ صحافين سان گفتگو ڪندي نواز شريف چيو ته هو سندس حق ۾ ۽  خلاف لکڻ وارن سمورن صحافين جو ٿورائتو آهي. هن چيو ته معاشري ۾ صحافت جو اهم ڪردار آهي، عوام صحافين جي راءِ کي اهميت ڏيندو آهي، صحافين افواهن، چغلي ۽ بهتان بازي کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ تنقيد براءِ اصلاح هئڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته آفيس ۾ آخري ڏينهن ۽ پوءِ هو ڏيهه روانو ٿي ويندو. اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته مريم اورنگزيب سميت ٻين عورتن جو لنڊن ۾ گهيراءُ ڪيو ويو، هتي پاڪستانين جي مظاهرن جو چئن سالن دوران ڪهڙو فائدو ٿيو آهي؟ مظاهرا ڪرڻا آهن ته پاڪستان وڃي ڪريو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.