اسلام آباد (م ڊ)پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ عطا تارڙ چيو آهي ته راولپنڊي ڪالهه به نواز شريف جو هو اڄ به نواز شريف جو آهي. ڪالهه ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جو ورڪر ۽ ليڊر هميشه مشڪل حالت ۾ پارٽيءَ سان گڏ بيٺل رهيو. مشڪل حالتن کان ڪڏهن به ڀڳو ناهي، اسان جو نواز شريف سان رشتو اقتدار يا مفاد جو ناهي، راولپنڊيءَ جي جيڪا خدمت مسلم ليگ (ن) ڪئي ايتري ٻئي ڪنهن نه ڪئي. هن چيو ته راولپنڊي جو مرد مجاهد حنيف عباسي عمرقيد جي سزا قبول ڪئي پر سر نه جهڪايو. نواز شريف بيگناهه هئڻ جي باوجود پنهنجي ڌيءُ جو هٿ پڪڙي پاڪستان آيو ۽ پنهنجي گهر واريءَ کي موت جي بستري تي ڇڏي پاڪستان آيو ۽ جيل وڃڻ کي ترجيح ڏني. هن چيو ته نواز شريف ٽي ڀيرا وزيراعظم رهيو.