اسلام آباد(م ڊ) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته نوجوان ذهنن کي ذميوار ۽ قابل شهري بڻائڻ ۾ استادن جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، اسان جو عزم آهي ته هر ٻار عالمي معيار جي تعليم تائين رسائي حاصل ڪري. استادن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هن پُرمسرت موقعي تي آئون پنهنجي استادن جي دل سان واکاڻ ڪريان ٿو جيڪي اسان جي ملڪ جي مستقبل لاءِ اڻٿڪ ڪوششون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان تعليمي نظام ۾ فرق کي ختم ڪرڻ، هڪ منصفاڻو ۽ جامع نظام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون،