عالمي بينڪ جي مشورن تي عمل کان اڳ چونڊون ڪرايو

ملڪ ۾ معيشيت جي بھتري جو رستو نظر نھ پيو اچي ۽ نگران حڪومت پاران  چونڊن کان اڳ معيشت کي بھتر ڪرڻ جو اشارو ڏنو پيو وڃي.ٻئي پاسي عالمي بينڪ پاران پاڪستان کي معاشي سڌارا وڌيڪ بھتر ڪرڻ جو مشورو ڏنو پيو وڃي.جنھن ۾ ڪي اھڙا مشورا پڻ آھن،جيڪي وچولي ۽ غريب ماڻھن جي لاءِ ڏکيا نظر اچي رھيا آھن.

عالمي بينڪ پاڪستان کي 50 هزار روپين ۽ ان کان گهٽ آمدني وارن ماڻهن تي به ٽيڪس لڳائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آھي.

ورلڊ بينڪ جي ڏنل صلاحن ۾ چيو ويو آھي تھ پاڪستان  ۾ پرسنل انڪم ٽيڪس جو نظام آسان بڻايو وڃي. عالمي بينڪ موجب زرعي شعبي ۾ ساڍا 12 ايڪڙ زمين جي مالڪن تي به ٽيڪس لڳايو وڃي.عالمي بينڪ پاڪستان کي مناسب تياري ۽ جائزي کانسواءِ  شروع ڪيل ترقياتي منصوبا ختم ڪرڻ جو مشورو پڻ ڏنو آهي.عالمي بينڪ جو چوڻ آهي ته 5 لک روپيا ماهوار آمدني رکندڙن تي 35 سيڪڙو جي شرح سان ٽيڪس لڳايو وڃي ۽ وفاقي حڪومت انهن شعبن تي خرچ نه ڪري جيڪي صوبن جي دائري ۾ اچن ٿا.

ورلڊ بينڪ ستين قومي مالياتي ڪميشن جي ٻيهر جائزي وٺڻ جي بھ ڳالھھ ڪئي آھي۽ فنانسنگ پلان جو فيصلو وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ڪرڻ جي صلاح پڻ ڏني آھي.  رٽيلرن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جو پڻ چيو ويو آھي ۽ ٽيڪس فري آمدني جي حد کي گهٽايو جي ھدايت ڪئي وئي آھي. عالمي بينڪ پاڪستان کي غريب ملڪن جي فهرست ۾ شامل ڪندي چيو آهي ته 2027 تائين پاڪستان جو قرض جي ڊي پي جي 89.3 سيڪڙو تائين پهچي سگهي ٿو.

ورلڊ بينڪ عملدارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي پارليامينٽ جا ميمبر، ڪابينا جا ميمبر، ناڻي جا وزير، ڪابينا ڪميٽين ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين جا ميمبر ٽيڪس پاليسي کي ترتيب ڏيڻ ۾ تمام گهڻو اثر رسوخ استعمال ڪن ٿا ۽ جيڪي سڌارن کي روڪين ٿا، 2723 ارب رپين جي مالياتي خساري کي سالياني بنيادن تي گھٽائڻ لاءِ سبسڊيز ۽ خرچن کي گھٽائڻ لاءِ مجموعي طور تي ٽيڪس اپاءَ ورتا وڃن.ورلڊ بينڪ موجب پاڪستان کي ڪيترن ئي خطرن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. جن  ۾ هاءِ ليڪيوڊٽي رسڪ، پرڏيهي مٽا سٽا جا گهٽ ذخيرا، غير مستحڪم سياسي ماحول، پرڏيهي اڪائونٽس جي جهٽڪن جا خطرا شامل آهن.

اھا عجيب ڳالھھ آھي جو سمورين وڏين جماعتن کي وقت بھ وقت ملڪ تي حڪومت ڪرڻ جو موقعو ملندو رھيو آھي. ان ھوندي بھ ٽيڪس اوڳاڙي جو ڪو اھڙو جوڳو ۽ مناسب سسٽم نھ جوڙي سگھيون آھن.جنھن سان ملڪ جي معيشت بھتر ٿي سگھي.ھر حڪومت پاران وڌ ۾ وڌ قرض حاصل ڪرڻ واري ڪوشش سان ھن وقت ملڪي معيشت ويھجي وئي آھي.حاصل ڪيل قرضن مان پڻ ڪنھن حڪومت ڪي اھڙيون رٿون نھ جوڙيون جنھن سان ملڪ جي معاشي اوسر ٿي سگھي جنھن ڪري ھاڻي عالمي ادارا وقت بوقت حڪومتن کي معيشت سڌارڻ جون نصيحتون ڪندا رھن ٿا.

ملڪ جي قومي قيادت ملڪ جي آزادي تي ڪنھن سمجھوتي نھ ڪرڻ واري ڳالھھ کي نعري طور تھ استعمال ڪيو آھي پر ڪنھن بھ ملڪ جي آزادي جو تعلق ان جي پاڻ ڀري معيشت سان سڌو تعلق رکي ٿي.ھينئر جنھن نموني سان ملڪ جي معيشت ڦاٿل آھي، ان مان نڪرڻ جي لاءِ نگران حڪومت وٽ پڻ رڳو سرڪاري ادارن کي وڪري ڪرڻ واري پاليسي جوڙي وئي آھي،جڏھن تھ حقيقت ھي آھي تھ انھن ادارن کي نقصان ۾ ھئڻ واري اصل ڪھاڻي جي پويان خود ھٿ سان پيدا ڪيل بحران نظر اچن.جنھن کي بھتر ڪرڻ جي ھر حال ۾ گنجائش موجود آھي.پر ان طرف ڌيان نٿو ڏنو وڃي.

عالمي بينڪ پاران ڏنل مشورن سان ملڪ جي معيشت پاڻ ڀري ٿيڻ بجاءِ ان جي وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خطرو نظر اچي رھيو آھي.اھڙيون گائيڊ لائين جن ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻھن مٿان وڌيڪ بار پوڻ جو امڪان آھي.ان سان مجموعي طور تي ٽيڪس اوڳاڙي پڻ گھٽ ٿيندي تھ وري ملڪ ۾ غريبن جو انگ بھ وڌندو.

اختيارين کي معيشت جي بھتر ڪرڻ تي ضد ڪرڻ بدران ملڪ جي نازڪ سياسي حالتن کي ڏسندي پھرين چونڊون ڪرائڻ گھرجن جنھن بعد معيشت جو ڪم ان حڪومت حوالي ڪيو وڃي.ان کانسواءِ ڪنھن بھ ٻي گوٿناٿ جو نتيجو ڪنھن بھ ريت بھتر نھ ٿي سگھندو.

 

  • ھڪ عدد وڌيڪ سياسي جماعت جو جڙڻ

ملڪ ۾ ھڪ عدد وڌيڪ جماعت جو اضافو ٿي رھيو آھي.اصل معاملو عوام کي حق ڏيارڻ جو آھي،ملڪ ۾ جڏھن بھ چونڊن جي موسم ايندي آھي تھ ڪئين نوان گروپ ۽ جماعتون آڏو اينديون آھن.ھاڻي وري ملڪ جي ٻن وڏين سياسي جماعتن کان ناراض اڳواڻن گڏجي ڪري نئين جماعت جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آھي.

ميڊيا موجب مسلم ليگ ن جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي لنڊن ۾ميان نواز شريف سان ملاقات ڪئي آھي.ان بعد آيل خبرن ۽ تبصرن ۾ چيو پيو وڃي تھ ھن اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي آگاهه ڪيو ته هو هاڻي پارٽي ۾ ڪم نه ٿو ڪري سگهي.

ٻئي پاسي پ پ پ کان ناراض اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته نئين سياسي پارٽي جي جيتري اڄ گنجائش آهي ايتري اڳي ڪڏهن نھ ھئي. ملڪ جي اڄوڪي  حالت ۾ پهچڻ ۾ عدليه، اسٽيبلشمينٽ، سياستدانن، ڪامورن ۽ واپارين سڀني جو  ڪردار آهي. هڪ نجي ٽي وي سان ڳالھائيندي سندس چوڻ ھو تھ  معاشي صورتحال حد کان وڌيڪ خراب آهي، سڌارن کان بغير ملڪ اڳتي نه وڌندو. هن چيو ته سمورين سياسي جماعتن جون ناڪاميون سامهون آهن.هن چيو ته  چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اعتراف ڪيو آهي ته ججن ڊڪٽيٽرن جو ساٿ ڏنو. هن اھو پڻ چيو تھ هن وقت ملڪ اسٽيبلشمينٽ ۽ فوج هلائي رهي آهي، ملڪ کي چونڊيل نمائندن کي هلائڻ گهرجي، هن چيو ته ساڍا 9 ڪروڙ پاڪستاني غربت جي لڪير کان هيٺ هليا ويا آهن. هن چيو ته ڪجهه سٺا سياستدان به آهن جيڪي خوشامد ناهن ڪندا.انهن کي ڪابه پارٽي کڻڻ لاءِ تيار ناهي هوندي.

ڳالھھ عوام جي مسئلن جي حل جي آھي،اقتدار ۾ پھچندڙ جماعت  عوام جا مسئلا حل نٿي ڪري، بلڪھ اسٽيبلشمنيٽ جي سھولتڪار بڻجي ٿي.ان ڪري عوام ان کان بيزار ٿئي ٿو. ڪنھن بھ جماعت کي عوامي حمايت ملي ٿي تھ، اھا ڀلي اڳيان اچي، اصل امتحان جو ميدان عوام ۽ عمل آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.