خساري ۾ هلندڙ وڏن سرڪاري ادارن جي نجڪاري ڪئي ويندي: فواد حسن فواد

اسلام آباد (بيورو+اي پي پي) نجڪاري واري  نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد چيو آهي ته خساري ۾ هلندڙ وڏن سرڪاري ادارن جي نجڪاري ڪئي ويندي. آپريشنل ڪارڪردگيءَ کي بهتر بنائڻ لاءِ پي آءِ اي جي نجڪاري اڻٽر آهي. وفاقي وزير ڪالهه حڪومت جي پختي عزم جو اظهار ڪيو ته خساري ۾ هلندڙ وڏن سرڪاري ادارن جي نجڪاري ڪئي ويندي ته جيئن قومي وسيلن جا وڏا مالياتي خسارن کان بچڻ سان گڏوگڏ انهن جي ڪم ڪرڻ جي سگهه ۾ اضافو ڪري سگهجي. فواد حسن فواد عالمي بئنڪ جي ڪنٽري هيڊ ناجي بن حسائن سان ملاقات ڪئي ۽ نگران حڪومت جي نجڪاري جي اسٽريٽجڪ ايجنڊا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز جي نجڪاري ۽ ڊسٽري بيوشن ڪمپنين، ڊسڪوز جي ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ تي خاص توجهه ڏني وئي. وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت، بيورو ڪريسي، عسڪري قيادت ۽ سياسي اسٽيڪ هولڊرز سميت ايس آءِ ايف سي جي ايپڪس ڪميٽي متفقه طور وڏي خساري ۾ هلندڙ سرڪاري ادارن جي نجڪاري شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي جيڪي اڳ ئي نجڪاري جي فهرست ۾ شامل آهن. هن چيو ته پي آءِ اي پنهنجي مسلسل حيران ڪُن مالي خساري سبب نجڪاري جي اولين ترجيح بڻجي اُڀريو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.