ڪراچي ( رپورٽر) شازيا مري جي جعلي ڊگري ڪيس واري درخواست ۾ اوچتو اعتراض داخل، وڪيل حيرانگي جو اظهار ڪندي چيو ته ڪيس 2013ع کان ٻڌڻي هيٺ آهي، اعتراض ته ختم ڪيا ويا ھئا، عدالت درخواستگذار کي 2 نومبر تائين اعتراض ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيپلز پارٽي جي اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر شازيا مري جي جعلي ڊگري بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران وقتي چيف جسٽس عرفان سعادت ريمارڪس ڏيندي چيو ته پهرين درخواست تي لڳل اعتراض ختم ڪريو پوءِ ڪيس جي ٻڌڻي ڪنداسين، جنهن تي وڪيل محمد رفيق ڪلوڙ حيرانگي جو اظهار ڪندي چيو ته ڪيس 2013ع کان ٻڌڻي هيٺ آهي، اعتراض ختم ڪيا ويا ھئا، ھڪ دفعو فيصلو محفوظ ٿيڻ کانپوءِ ڪيس کي ٻيهر ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آھي،