آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ ڪرپشن ڪيس ۾ مڪيش چاولا جي ضمانت ۾ واڌ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ ۽ خوراڪ کاتي  ۾ ڪرپشن واري ڪيسن ۾ عدالت مڪيش ڪمار چاولا سميت ٻين جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ۾ واڌڪري ڇڏي آهي .عدالت مڪيش چاولا سميت ٻين کي 10،10لک رپين جا مچلڪن جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي .عدالت نيب جي جاچ آفيسر کان وڌيڪ انڪوائري جا تفصيل  اڄ طلب ڪري ورتا آهن، عدالت ۾ جاچ آفيسر انڪوائري مڪمل ڪرڻ جي لاءِ 10هفتن جي مهلت طلب ڪئي آهي .جسٽس ڪي ڪي آغا جو چوڻ آهي ته انڪوائري ڪڏهن کان شروع ڪئي،جاچ آفيسر چيو 2019ع کان انڪوائري شروع ٿي آهي .عدالت چيو ته ايترن سالن ۾ نيب ڇا پئي ڪيو؟ جڏهن اسيمبلي بحال هئي ان مهل انڪوائري ڇو نه ڪئي ڪيس ۾ ٻيا جوابدار حسن علي شريف،عامر اشرف ،جئي رام داس ،وحيد شيخ ۽ عامر گل قريشي شامل آهن .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.