ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ميرپورخاص لڳ درگاھ لشڪر شاھ ويجهو ڳوٺ غلام محمد بگٽي ۾ سڱاوتي تڪرار تان بگٽي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب ماستر عبدالرحمان بگٽي قتل ٿي ويو، واقعي جي اطلاع تي حد جي پراڻي ميرپور ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پھچي مارجي ويل ڳوٺاڻي جي لاش کڻائي سول اسپتال ميرپورخاص پهچايو جتان قانوني ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪئي ويئي مقتول جي لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو جڏھن ته واقعي بعد ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ سبب علائقي ۾ خوف حراس ڦھليل آھي ۽ وڌيڪ رتو ڇاڻ جي خدشي سبب علائقي ۾ پوليس نفري مقرر ڪئي ويئي آھي پوليس ذريعن موجب فوتي عبدالرحمان بگٽي جو پنهنجي ڀاءُ محمد حسن ۽ ڀائٽن مختيار بگٽي، شوڪت بگٽي ۽ تنوير بگٽي سان سڱاوتي تڪرار هلندڙ هو گذريل ڏينهن مارجي ويل عبدالرحمان اسڪول ۾ ڊيوٽي تي موجود هو ته سندس ڀاءُ ۽ ڀائٽن سان ڏند چڪ ٿيڻ تي جوابدارن گوليون هڻي کيس قتل ڪري فرار ٿي ويا، جڏھن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آھي پوليس موجب معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون مقتول جا وارث تدفين ۾ رڌل آھن وارثن جي اچڻ تي ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو