ٻلهڙيجيءَ جي ادبي آسمان تي ڪيترائي شاعريءَ جا ستارا آهن جن جو پنهنجو پنهنجو انداز ۽ اسلوب آهي.
مون سائل پيرزادي کان ڳجهارتي انداز ۾ پڇيو ته “عشق “ يا “فنا “؟ کلي چيائين “فنا“ کي ڇڏ “عشق“ کي وٺُ………… کيس پتو نه هيو ته مان امر پيرزادي جي شاعريءَ جي ٻن ڪتابن مان هڪ جي چونڊ ڪرڻ واري مونجهاري کي دور ڪرڻ لاءِ کائنس ڳجهارتي انداز ۾ ڪجهه پڇي رهيو آهيان ڇو جو مون لاءِ امر پيرزادي جي شاعريءَ جي ٻنهي ڪتابن منجهان هڪ جي چونڊ ڪرڻ مُشڪل هيو ۽ مان سائل جي لاشعوري طور ڏنل صلاح کي نظر ۾ رکندي ٽڙيل پکڙيل ڪتابن منجهان “عشق“ ڪتاب کي کڻي اچي پڙهڻ ويٺو آهيان .
امر پيرزادي جو هي ڪتاب سندس شاعريءَ جي سفر جو اُهو حصو آهي جنهن ۾ ، نفاست ۽ حساسيست سان گڏُ ديوانگي ۽ خودساختگي به آهي هو ڪپهه جهڙن ڪومل احساسن کي غزل جي قالب ۾ رکڻ سان گڏ هڪ اهڙو عوامي پيغام به ڇڏي ويو آهي جنهن ۾ پڙهندڙ وٽ شاعر جي فني اڏام سان گڏُ فڪري پختگي جو احساس به پختو ٿي پوي ٿو …
امر جي شاعريءَ ۾ فطرت جا ڪيئي لقاءَ ، وصال ، وڇوڙا ، درد ، تڪليفون ۽ گلن ٽڙڻ جي موسمن جو انتظار آهي ، هو پنهنجي مخصوص لهجي ۽ انداز سان پنهنجي ڳالهه ايڏي ته سادگي ۽ آساني سان رکي وڃي ٿو جو پڙهندڙ اڃان شاعري جي ردم کي محسوس ڪرڻ ۾ ئي محو آهي ته شاعري ۾ سمايل پيغام سندس ذهن ۾ ڪڙي کڙڪائڻ وارو ڪم شروع ڪري ٿو ڇڏي .
شاعري فقط داخلي ڪيفيتن جي اظهار جو نالو ناهي پر اِها هڪ خارجي حقيقت به آهي ، سماج جي هر چرندڙ پرندڙ عمل سان سندس گهرو واسطو به آهي ، ڀلي ان ۾ اندر جا اُلڪا ۽ سڄڻ جون سارون هجن پر جي پکين جو آواز ۽ سماجي ناانصافين تي بغاوت ڀريو احساس ناهي ته شاعريءَ ڄڻ اڻپوري آهي ، اسان وٽ شاعرن جي ڊگهي لسٽ آهي جيڪا سرخي لڳل چپن کان ٻاهر ئي ناهي نڪتي نه ئي سندن نگاه فطرت سان ٿيندڙ ان هٿ چراند تي پئي آهي جنهن سان پوري انسانيت کي خطرو آهي امر پيرزادي جي شاعري ان ڪري به غيرروايتي آهي ڇو جو ان ۾ موضوعاتي يڪسانيت ناهي، زندگي جا سڀئي موضوع سندس شاعريءَ جو حصو آهي ، هونئن به عشق جو ڪو به هڪ موضوع ناهي ٿيندو پر “عشق “ هڪ ئي وقت گهڻين حالتن سان نڀاءُ ڪرڻ جو ئي نانءُ آهي .
امر پيرزادي جي شاعري ۾ موضوعاتي نواڻ ۽ زندگيءَ جا ڪيئي رنگ آهن، عشق جو احساسُ، پکين جون ٻوليون ۽ فطرت سان هم آهنگي جهڙو ماحول سندس شاعريءَ ۾ ساه کڻي ٿو
عشق جي ڪيفيت ۾ انا کان آجو ٿي هلڻ ۽ محبوب جي آواز ۾ بانسريءَ جي ڪوڪ جهڙو سرور محسوس ڪندي امر پيرزادي جيڪي غزل لکيا آهن، سي سندس شاعريءَ جو حسنُ آهن
پنهنجي انا کان ٻاهر نڪري سگهين ته هلجان
۽ عشق جي انوکي هيءَ ڪائنات ڏسجان
ها تون روايتن سان ناتو نه ٽوڙجان پر
جي معجزن کان اڳتي جون ڳالهڙيون به چئجان
يا وري
ڪنهن بانسري جي ڪوڪ آ تنهنجي صنم آواز ۾
ڇا راحتن جو راڳڻيون تنهنجي بدن جي ساز ۾
هن هڻان مان تنگ ٿي مون نيٺ اڄ هن ڏي وڃين
ڪائي گهڙي ساهي پٽي آهي پرينءَ جي ناز ۾
هنن ٻن سٽن ۾ ڪيڏي نه شاعريءَ جي حقيقت بيان ڪئي اٿائين ته صدين کان شاعري جو سفر هڪ ئي منزل طرف هلي رهيو آهي پر پوءِ به هر شاعر جو انداز ۽ لهجو پنهنجو آهي. توڻي جو شاعريءَ جا موضوع آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن پر ڪروڙن جي تعداد ۾ لکيل شعر شاعرن جي مختلف انداز ۽ لهجي جو ئي سبب آهن
صدين ڪنا شاعر لکي شايد پيو ساڳيو فڪر
بس فرق ڄڻ ڪوئي رهي ٿو ڳالهه جي انداز ۾
امر پيرزادي پنهنجي غزل ۾ چيو آهي ته شاعري زندگي گهري ٿي ۽ غير روايتي شاعري لکڻ ان پرخار راه تي هلڻ برابر آهي جتي گڏجي ڀلي ڪير به نه هلي پر وقت سڀني کي اُتي ئي آڻي بيهاريندو
زندگي ڏيڻي پوي ٿي شعر کي
تون ته بس خوش ٿي وڃين ٿو واه سان
وقت ايندو قافلا ڏسندين اُتي
مان اڪيلو ٿو وڃان جنهن راه سان
شاعر جي اکين ۾ سانڍيل ديوانگي جا خواب ڏسو، ڪيئن نه سندس شاعريءَ ۾ ڏيئن وانگر ٻري رهيا آهن
دوري نه سمجهان تون جسمن جي فاصلي کي
هي ڇا جدا ڪندا سڀ دلين جي رابطي کي
تون مان ملي پئون بس هي کوڙ آ اسان لاءِ
دنيا ڀلي نه سمجهي پوءِ پنهنجي واسطي کي
مون کي سڀن جي سامهون ڇو ٿو ڏسين سدائين
توکي ڏسي ڏسان ڪيئن محفل جي ضابطي کي
يا وري
نه تنهنجي بي رخي گهٽجي نه تنهنجي سار ٿي گهٽجي
رڳو بس ڏور توکان هي حياتي يار ٿي گهٽجي
وڇوڙو ڀوڳ سمجهي تون لنوائيندي نه ڪر پياري
عمر ڀي مختصر آهي جواني ڌار ٿي گهٽجي
امر پيرزادي جي ڪتاب ۾ سندس حساس دل جا ڌڙڪا به آهن ته سندس اکين جي معصوميت به آهي. تصوف واري سنڌ ۾ شاعريءَ چيچ پڪڙي پنڌ ڪرڻ وارن ماڻهن منجهان سنڌ جي مٽيءَ جي فڪر جي خوشبو به نروار نظر ايندي آهي. ان مٽيءَ جي مهڪ ۾ محبوب جا ماڻا به آهن ته فطرت سان پيار به آهي ، خدا تائين رسائي هجڻ جي باوجود به زماني جي اڳيان واريون مجبوريون به آهن ، ته وڇوڙن جا اُهي ڏک به آهن جيڪي ڪڏهن به ڀرجي نٿا سگهن ،
تو سوا زندگي جا گذاري هئي
سا ته پنهنجي نه هئي سا پرائي هئي
جنهن ڪري پيارُ پنهنجو نه ساڳيو رهيو
ڳالهه ڏسجي ته ڪيڏي اجائي هئي
هو زماني اڳيان ڪيڏو مجبور هو
۽ خدا تائين هُن جي رسائي هئي
جيتري به گذاري سگهيس عشق سان
ٿو چوان زندگي بس اُها ئي هئي
امر پيرزادي جي هن شعري مجموعي ۾ غزل، نظم ۽ وايون آهن جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو شاعريءَ جي سڀني صنفن تي لکي ٿو پر هيءَ به هڪ حقيقت آهي ته هڪ ئي وقت سڀني شين سان نڀاءُ ممڪن ناهي. امر جي غزل ۾ جيڏي وشالتا، ديوانگي ۽ خودساختگي آهي اوترو نظمن ۽ واين ۾ ناهي. امر پيرزادي جا غزل هن ڪتاب ۾ سڀ کان وڌيڪ نمايان ۽ ناياب آهن. اياز ۽ شمشير جي زمين سان به هن خوب نڀايو آهي، پنهنجي وڏي ڀاءُ جي وڇوڙي تي جيڪو امر غزل لکيو آهي سو درد جي هڪ دنيا تخليق ڪري وجهي ٿو ۽ پڙهندڙ جي هينئن ۾ هٿ وجهي ٿو ….
عشق ڪتاب، امر جي پيار جو پهريون تحفو آهي جنهن ۾ ڳوڙها، يادون ۽ ميلاپ ۽ وڇوڙا گڏيل طور بيان ڪيل آهن. جهڙالي موسم ۾ پرين جي بدن جي خوشبو محسوس ڪرڻ وارا سڀئي خيال به هن ڪتاب ۾ بهترين طريقي سان سمايل آهن …
شام لڙي چُڪي آهي. آڪٽوبر جو سج پهاڙن پويان لڪندي بلڪل اداس آهي ڇو جو ديس مٿان ڏکن جا ڪارا ڪڪر ڇانيل آهن. ڪلهه ماڙي جلباڻي مٿان فوج ڪشي ڪري مظلوم سنڌي ماڻهن کي گوليون هنيون ويون آهن. هاڻي هاڻي ياد آيو ته آڪٽوبر جي ڇهين تاريخ عشق ڪتاب جي تخليقڪار امر پيرزادي جو جنم ڏينهن آهي اسان جون عيدون، ڏياريون ۽ جنم ڏينهن ڏکن جي گهيري ۾ آهن. مان امر کي واڌايون انڪري نٿو ڏيان ڇو جو وطن تي جڏهن ماتم برپا هوندو آهي ته ڌرتيءَ جا شاعر واڌايون ناهن وٺندا آخر ۾ سندس ئي لفظن ۾ ديس جي ڪهاڻي لکان ٿو .
مجبور زندگين جي ڪنهن سان ڪيون ڪٿا
فٽ پاٿ تي سمهن ٿا ليڙون اٿن لٽا
مون وقت کي کپائي پيسه وٺي ڇڏيا
هن پيٽ کي ڀرڻ جي ڪيڏي ملي سزا