عزيز ڪِنگراڻي جي ڪتاب ” اِنڊس اِسڪرپٽ اِن اِسٽونس“ جو مختصر اڀياس

تحرير: اڀياس ڪار امين جويو

عزيز ڪنگراڻي جو انگريزي ٻوليءَ ۾ لکيل ھي ڪتاب سال 2019ع ۾ ”پيڪاڪ پبلشرز“ وارن پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ليکڪ پنھنجي ھن ڪتاب جي ارپنا ھنن لفظن سان ڪئي آھي ته؛   .                           “This book is dedicated to Sirajul Haq Memon: a renowned linguist and writer”

ھن ڪتاب جو مھاڳ سنڌ جي نالي واري ليکڪ، پروفيسر اعجاز احمد قريشي صاحب لکيو آھي ، جنھن ۾ ھو ھن سموري ڪتاب جو تتُ پيش ڪرڻ کان پوءِ لکن ٿا ته، ” ان کان اڳ جو پٿرن تي اُڪريل ھي قديم ۽ ناياب لکتون ، برساتن ، کاڌِ ۽ زلزلن سبب ميسارجي ختم ٿي وڃن ! آئون حڪومت کي صلاح ٿو ڏيان ته، ھنن کي محفوظ ڪرائين، ڇو ته ھي لِکتون اسان کي پنھنجن وڏڙن جا اُھي تصورات ياد ڏيارين ٿيون ، جيڪي انھن قديم دور ۾ پنھنجي اوسي پاسي ڏٺا. اِھي نقش ۽ نِشانيون اسان کي سنڌ جي تواريخ ۽ تھذيب سمجھڻ ۾ مدد ڏيئي سگھن ٿيون.“

جڏھن ته ھن ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل سائين علي آڪاش صاحب لکيو آھي ، جنھن ۾ ھن ليکڪ جو مڪمل تعارف ڏيڻ سان گڏ سندس تيرھن عدد ڪتابن جا نالا پڻ ترتيبوار لکيا آھن. ان کان پوءِ سائين جن ھن ڪتاب بابت مختصر ٻڌايو آھي ته سنڌو واديءَ جون لکتون ، ليکڪ کي ڪٿي ڪٿي مليون آھن ، اِھي ھن وقت ڪھڙي حالت ۾ آھن ۽ اِھي خراب ۽ ختم ڪيئن ٿي رھيون آھن. علي آڪاش صاحب انھن لِکتن کي بچائڻ ، پڙھڻ ۽ سمجھڻ جي ڳالهھ پڻ ڪئي آھي.

ھن ڪتاب ۾ ڪُل ڏھ عدد بابَ آھن ، جن جا عُنوان ھن ريت آھن ؛ 1. لِکتن جي تواريخ 2. سنڌ ۾ پٿرن تي ٿيل  اُڪرَن/ لِکتن جو تعارف 3. ويدن واري دور ۾ سنڌي  ٻوليءَ جو بُڻ بُڻياد 4. پٿرن تي سنڌو لکت جي اُڪرَ 5. پٿرن تي اُڪريل مختلف قسمن جي سنڌو لِکت 6. بِرھمي لِپي ۾ لکيل سَنسڪرت 7. بِرھمي لِپيءَ جا اکر 8. خَروشتي اکر 9. پالي ٻوليءَ جا اکر ۽ 10. جانورن ۽ مذھبي علامتن ذريعي لکيل لکتون.

ليکڪ ھي ڪتاب سَرجڻ لاءِ جن ھنڌن تي ويو، ھُن انھن جو مشاھدو ڪيو ۽ تصويرون ڪڍيون ، انھن ۾ ھي ماڳ شامل آھن، ” سَدومَزو ڊِرھَ ، پاھي ڪُمڀُ ، پاڇَل ڍورو ، ڪُنڀ نھن جھڏڙو ، حُر ڍورو ، ڀورا دڙا ، ڪلري ڍورو ، زئني ڍورو ، نئن گاج ، گڙنگ ڍورو ، ڪڪڙاڻي ڍورو ، رني ڪوٽ ، ٿرڙو يا ٿرو جابلوٽڪريون وغيرھ “

ليکڪ پنھنجي ھن ڪتاب ۾ شامل ھر ھڪ باب جي پڄاڻي تي ، دنيا جي اھم ۽ نالي وارن ٻوليءَ جي ماھرن ۽ لِپين جي ماھرن جي ڪتابن جا حوالا پڻ ڏنا آھن . اھڙن تحقيقدانن ۾، اُپيندر سِنگھه ، ڦوسماني جيرارڊ ، بينڊن ڊائٽ ، جيٽمار ڪارل ، ٿيوالٽ ووڪر ، ايڇ ٽي لئمبرڪ ، ڊاڪٽر مالتي ، اين جي مجمدار، ايم ايڇ پنھور، ڊاڪٽر نياز عباسي، ھولمئن ٿامس، سيتا پيرِس،گوڊوِن جوزيلِن ، رابرٽ بِير، رحيمداد مولائي شيدائي ، علي ڪوفي ، ڀيرو مل مھرچند آڏواڻي ، ميوارام پرمانند ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ، ھرماتا جانس ، لوڊوِڪ ، ابراھم ارالي ، ڊاڪٽر ذوالفقار ڪلھوڙو ، ڊاڪٽر اسما ابراھيم ، ڊاڪٽر ڪليم لاشاري ، پروين ٽالپر ، سراج الحق ميمڻ ، ڊاڪٽر غلام علي الانا ، تاج صحرائي ، سُوامي گنگيشورانندا ، جينا پريم سنگهھ ، شاستري ڀٽ آچاريا ، جين دَنيش ، ھرجاني دَيال ، ورگھسي اليگزينڊر ، ڪوڪ سي سُڀاش ، جوناٿن مارڪنائر ، پارپولا اسڪو ، امريش داتا ، پروفيسر نينا ۽ ، بئنرجي سريش چندرا جھڙا نالا شامل آھن.

ليکڪ پنھنجي سِر پاڻ کيرٿر جابلو سلسلي جي مختلف نئن ، ڍورن ، تلائن ۽ پھڻن تائين ويو آھي ۽ انھن تي اُڪريل نقشن ، مذھبي علامتن ، تصويرن ۽ قديم لِکتن جو مشاھدو ڪرڻ کان پوءِ ھُن انھن جي ڦوٽو گرافي ڪئي آھي . ھن ڪتاب ۾لَڳ ڀَڳ سَوا سَئو کن رنگين تصويرون ڏنل آھن ، جيڪي ڏسندڙن جو ڌيان پاڻ ڏانھن ضرور ڇڪائينديون .  انھن تصويرن ۾ جھنگلي جانورن ، پالتو جانورن ، ٻُڌ اسٽوپائن ۽ انساني شبيھن کان سواءِ ڪجهھ اکرن / لفظن جون تصويرون به شامل آھن، انھن اکرن / لفظن بابت ليکڪ جو خيال آھي ته اھي اصل ۾ قديم سنڌو تھذيب جا آھن ، جيڪي موھن جي دڙي منجھان پڻ مليا آھن .

ليکڪ ھن ڪتاب جي صفحي نمبر ھڪ سئو ٻاھتر ۽ ھڪ سئو ٽيھتر تي پنھنجي تحقيق جو تت پيش ڪندي لکيو آھي ته ؛ ” سنڌ جي جابلو سلسلن ۾ مختلف ھنڌن تي اُڪريل ھي لکتون سنڌو تھذيب جون مختلف لِپيون آھن ، جن جي ڀاڃَ اڃا تائين ڪا ن ٿي سگھي آھي ، پر آئون سمجھان ٿو ته اھي ويدڪ دور کان به آڳاٽيون آھن ! ، پوءِ وقت سان گڏوگڏ انھن ۾ واضح تبديليون پڻ مشاھدي ۾ آيون آھن . اسان کي انھن جي پڙھڻي لاءِ جين ازم واري دور ، ويدڪ دور ، پِڻي لوڪن واري دور ، تصويري اھڃاڻن ۽ خاص طور برھمي لِپي کي سمجھڻو پوندو ، ان کان پوءِ انھن سنڌي لکتن ۽ موھن جي دڙي ۾ موجود لکتن کي سمجھي ۽ پڙھي سگھجي ٿو.“

قديم سنڌي لپيءَ بابت لکيل ھن اھم ڪتاب ۾ ، قديم سنڌي الفابيٽ کان سواءِ ، قديم بِرھمي لِپي جي الفابيٽ ، خَروشتي الفابيٽ ،  ۽ قديم پالي لِپي جي الفابيٽ پڻ ڏنل آھي.

ليکڪ پنھنجي ھن تصنيف ۾ نه رڳو قديم سنڌي لکت جي ھر ھڪ اکر جي سمجھاڻي پيش ڪئي آھي ، پر ھن قديم سنڌي لپيءَ جو ٻين قديم لکتن ۽ لِپين سان تقابلي جائزو پڻ ورتو آھي. اھڙي ريت ھن پڙھندڙ کي سنڌو لکت بابت ڄاڻ ڏيڻ سان گڏو گڏ اھو به ٻڌايو آھي ته ، قديم سنڌي لکتون رڳو موھن جي دڙي ۾ ناھن پر اھي سنڌ جي کيرٿر واري جابلو سلسلي ۾ پڻ تمام گھڻي مقدار ۾ موجود آھن . ضرورت رڳو ان ڳالھه جي آھي ته سنڌ ۽ دنيا ۾ موجود قديم ٻولين ۽ لِپين جا ماھر گڏجي ويھن ۽ اھو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪن ته آخر موھن جي دڙي ، کيرٿر جابلو سلسلي ۽ ٻين ھنڌن تي موجود پھاڙن ۾ اھو ڇا لکيل آھي!

بھرحال آئون سمجھان ٿو ته عزيز ڪنگراڻي جو ھي ڪتاب سندس ٻين سڀني ڪتابن کان مختلف ۽ منفرد آھي ۽ قديم سنڌو لکت بابت بنيادي ۽ پيرائتي ڄاڻ فراھم ڪري ٿو . ھڪ سئو ڇاھتر صفحن تي مشتمل ھي ڪتاب پڙھڻ کان پوءِ ٿلھي ليکي قديم سنڌي لکت ۽ ٻين ھم عصر لکتن بابت اھم معلومات ملي وڃي ٿي.

قديم سنڌي لکت بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو شوق رکندڙن کي ھي ڪتاب ضرور پڙھڻ گھرجي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.