ان ڳالھه کان انڪار ناهي ته حڪومت عوام کان ٽيڪس نه اوڳاڙي، ڀلي وٺي، مڙهي ۽ وڌائي پر توازن برقرار رکڻ وري به حڪومت جي اهل ماڻهن جو اولين فرض آهي ته اهي شين ۾ برابري به رکندا اچن. رڳو ٽيڪس هڻڻ سان، رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ڪرڻ سان، ٻاهرين ملڪن جي شين خريد ڪرڻ ۽ انهن جي شين تي ماڻهن جو اعتبار وڌائڻ سان ڪم نه هلندو. ماڻهن ۾ اهڙو رويو پيدا ڪرڻ ته اهي غير ملڪي شين ڏي وڌيڪ ڌيان ڏين ۽ وٺن ئي اهي ته پوءِ نتيجي ۾ ايڪسپورٽس ڪرنديون وينديون، امپورٽس وڌنديون وينديون، ماڻهن جي خريد جي قوت ختم ٿيندي ويندي. پر اهو چوڻ جائز ناهي ته ماڻهن جي ڪمائي جيڪا پهرين رپيا هوندي هئي،اڳي ماڻهن جي پگهار سون روپين ۾ هوندي هئي،ڏاند به ويهن روپين ۾ ملندو هيو ۽ هاڻي ويهن رپين ۾ ڪڪڙ جي ٻوٽي به نه ٿي پئي پر اها حقيقت مڃجي ته جتي ماڻهن جي آمدني وڌي آهي، اتي انهن جي کپائڻ، کائڻ، پيئڻ ۽ جيئڻ جي قيمت به وڌي وئي آهي، ڇو ته رپئي جو قدر گھٽبو رهيو آهي ۽ دنيا جون ٻيون ڪرنسيون رپئي جي ڀيٽ ۾ اسپيڊ سان ۽ اوسطن وڌنديون رهيون آهن (ڀلي ڊالر جي مقابلي ۾ ناهن) پر اتي ائين به ناهي ته جاپان، آمريڪا،ڪيناڊا،يورپ جا ملڪ،آسٽريليا،چين اسان جي روزمره جي کاڌي پيتي ۽ عام استعمال جي شين جي ۽ دوادرمل جي پورت ڪن ٿا ته صحيح آهي، ڇو ته صنعتي پيماني تي سڀ ملڪ هڪ ٻئي جو پورائو ائين مٽاسٽا جي بنياد تي ڪيون ويٺا آهن،اتي ڪجھه ملڪ اهڙا به آهن جيڪي واقعي ئي پنهنجي ۽ ٻين ملڪن جي وڏين ۽ فيڪٽري ليول جي گهرجن کي پورو ڪن ٿا، مثال صنعتي ليول تي مشينري، وڏين زرعي آلاتن جو پورائو، بسين ۽ وڏين ازدها گاڏين ۽ ڪرينين جو ٺاهڻ وغيره جهڙيون گهرجون پوريون ڪن ٿا. اسان ته آءِ ايم ايف جو کاڄ آهيون جو اهي اسان کي هاڻي اهڙو ڪو به قرض جو پيڪيج نه ٿا ڏين جو اسان صنعتون هڻي سگهون، فيڪٽرين جا ڄار وڇائي سگهون، ننڍڙا ننڍڙا گهريلو ڪارخانا هڻي سگهون،مثال بنگلاديش وانگي ماڻهن کي ننڍڙا ننڍڙا قرض ڏئي انهن کي پاڻ ڀرو ڪري معيشت سڌاري سگهون، ڇو ته شيون هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن جي في ڪس آمدني وڌائڻي آهي ته ماڻهن کي انڪم سپورٽ پروگرام ڏئي پنائجي نه پر ماڻهن ۾ روزگار جا وسيلا، ذريعا ۽ طريقا متعارف ڪرائجن، ماڻهن کي همٿائجي ته اهي ننڍڙا ننڍڙا ڪم ڪن، ڀلا رڳو کير جي پيداوار وڌائجي، سُڪو کير ٻين ملڪن ڏي ايڪسپورٽ ڪجي، ڀلا پنهنجي پورت ڪجي، پلاسٽڪ، اسٽيل، لوھ، ڪاٺ جي صنعتن کان وٺي مشينن ۽ گاڏين جي صنعتن ۾ گهريلو پورت ڪجي رڳو امپورٽس گهٽائجن ته به روپئي جي قدر ۾ اضافو ٿئي، پر هتي ته آءِ ايم ايف جا قرض کڻي انڪم سپورٽ پروگرام جو آسرو ڏئي ماڻهن کي لائين ۾ بيهاري پنائيندا آهن، ڇو ته اسان جي اڪانومي بس اها ئي رهي آهي، ۽ هاڻي ته آءِ ايم ايف زبردست هوم ورڪ ڪرائي وئي آهي، ته 1.2 ٽريلن جا نوان ٽيڪس هڻو ۽ بجلي رڳو 1.19 في يونٽ مهانگي نه پر ان کان به ٻيڻي ٽيڻي مهانگي ڪيو گيس جا اگھه چوٽ چاڙهيو.
پر حيرت اها به آهي ته دنيا جا ملڪ جتي سولر انرجي جي طرف وڌن ٿا، جتي آمريڪا، چائينا، روس، جرمني،ايئن چئون ته سڄو يورپ ڪنورٽ ٿي ويو آهي ۽ اسان وٽ به گهرن ۾ ننڍڙا ننڍڙا سولر پينل لڳل آهن جيڪي انهن جي ڏينهن جي بجليءَ جي گهرج معنيٰ هڪڙي ٻه پکي هلائڻ جي طاقت رکن ٿا (يا ڪٿي ته اي سيون به هلن ٿيون) وري رات جو ماڻهو اهي ئي بيٽريون هلائي بجلي جي گهرج پوري ڪيون ويٺا آهن، ۽ اسان جي ملڪ جي مٿان به بين الاقوامي ملڪن جو پريشر آهي ته گهٽ ۾ گهٽ 30 سيڪڙو گهڻي دونهين واريون گاڏيون، صنعتون، فيڪٽريون ۽ ڪارخانا سولر انرجي تي ڪنورٽ ڪيو،هلايو ته پوءِ اهڙي هوم ورڪ ڪري ڏيڻ مان فائدو جنهن سان هروڀرو جون 1.2 ٽريلن رپين جي نيون ٽيڪس هڻندا جنهن سان نتيجي ۾ مهانگائي وڌندي، مثال هڪ ڪاغذ ٺاهڻ واري ڪمپنيءَ تي ٽيڪس جو ڄار وڌائيندا ته سڄي صعنت تي بار پوندو،ان جي ڪري اهي سڀ شيون مهانگيون ٿينديون جيڪي ان ڪاغذ جي صنعت سان واڳيل آهن،مثال جي کنڊ مهانگي ڪندا ته ان سان لاڳاپيل جيڪي به شيون،پروڊڪٽس هونديون اهي مهانگيون ٿينديون، جي ٻج ڀاڻ ۽ زرعي آلات تي ٻيڻي چوڻي ٽيڪس هڻندا ته اهي نتيجي ۾ زرعي پيداوار سان لاڳاپيل سڀ شيون مهانگيون ٿينديون، ۽ اتي ائين به آهي ته جيڪو وٺندو مهانگو ته کپائيندو به مهانگو پر ماڻهن جي خريداري قوت تي بار پوندو ۽ ماڻهن ۾ خريداريءَ جا اهي رجحان نه ٿا رهن ته اهي شين جي خريداريءَ ۾ صفا لهي پون،شين جي خريد ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪن.
اڳوڻين حڪومتن آءِ ايم ايف سان ڪوڙ هڻي رات پيٽ ۾ هڪڙا ٽارگيٽ لکي ڏنا هيا ۽ وري ڪري ٻيا ويا هيا،خاص پي ٽي آءِ جي سرڪار، پر گهٽ ته شهبازسرڪار به نه ڪئي جو اهي 16 مهينن ۾ ساڍن ٽن سالن جي سرڪار کي مات ڏئي ويا،مهانگائيءَ جي شرح 48 سيڪڙو ڪري ويا ۽ آءِ ايم ايف سان بنھه نه ڳالهائڻ ۽ ڊالر جي قيمت 100 تي پڄائڻ وارا ۽ پيٽرول کي روس مان امپورٽ ڪرڻ وارا ان قليل عرصي ۾ عوام سان ويڌن ڪري ويا معني رڳو ٽيڪس ڪليڪشن جي ٽارگيٽن جي پورائي جي لاءِ ۽ آءِ ايم ايف کان نيون قسطون وٺڻ جي لاءِ انهن ڪنهن شيءِ ۾ گھٽتائي نه ڪئي رڳو ان ڪري ته جيئن آءِ ايم ايف آساني سان قرض جي قسط ڏئي هاڻي وري نوان قرض، نوان راڳ ۽ نيون ٽيڪس هڻن، وري اهو به آهي ته هلندڙ سال حڪومت پيٽرول، ڊيزل ۽ لاڳاپيل سڀ لبريڪنٽس ۽ پيٽروليم تي 30 رپيا في ليٽر وڌائيندي رهندي جيڪو هنن سڄي سال جي لکت ۾ ڏنو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هي 510 بلين رپيا ڪمائي وٺندا ڇو ته بجيٽ ڊيفيسٽ به آهن، وزيرن، اميرن ۽ مشيرن جا خرچ کاٻار به آهن، جيڪي وري ايندڙ سال لاءِ 607 بيلن رپين جا ٽارگيٽ رکيا اٿن ته ان ۾ صوبا به 570 بلين جا ٽيڪس ڪليڪشن جا ٽارگيٽ پورا ڪري ڏيندا ڇو ته وفاقي سرڪار کي نين لڳايل ٽيڪسز مان 4.6 ٽريلن ٽيڪس هن سال وري آئيندي سال 5.9 ٽريلن ٽيڪس مان اوڳاڙيندا، وري جنرل سروسز ٽيڪس جي لاءِ هنن جا ٽارگيٽ 500 بلين روپين جا آهن جيڪي هر صورت هنن کي هئڻا ۽ اوڳاڻڻا به آهن پوءِ ڀلي عام ماڻهن جي چيلهھ چٻي ٿئي.