سيد زين شاهه هڪ کاهوڙي ڪرادر

غلام حسين جوڻو

سنڌ، املهه موتين ۽ هيرن جي کاڻ آهي. جتي ڪيتريون ئي سياسي، سماجي، علم دوست ۽ جاکوڙي شخصيتون پيدا ٿيون آهن. جن مان سيد زين العابدين شاهه المعروف زين شاهه به هڪ آهي. جيڪو سائين جي ايم سيد جي خاندان جو چشم و چراغ آهي. سندس والد بزرگوار جو نالو سيد امداد محمد شاهه آهي. جيڪو به سٺو برک سياستدان، مفڪر ۽ سماج سڌارڪ هو. عوام جي خدمت ترجيحي بنيادن تي ڪندو هو. بلڪل اهڙي طرح سيد زين شاهه به پنهنجي والد صاحب جو ڏسيل گس ورتو آهي ۽ ان جي نقش قدم تي هلي پيو.

پاڻ 5 آڪٽومبر 1966ع تي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو. هن وقت ڳوٺ مجيد ڪيريو لڳ سڪرنڊ ۾ رهائش اختيار ڪئي اٿس. اتي به پاڻ عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهي ٿو. عوام جي خدمت ۾ يقين رکي ٿو. پاڻ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر جي عهدي تي ڪم ڪري پيو. سياسي لحاظ کان ان پارٽي جي پليٽ فارم تان ڪم ڪري رهيو آهي. ۽ ڏاڍو سرگرم ۽ کاهوڙي شخص آهي. پاڻ ڪنهن به تعارف جو محتاج ڪونه آهي. کيس سڄي سنڌ جا ماڻهو سڃاڻين ٿا.

جڏهن به سنڌ ۾ سنڌ واسين تي ڪو ڏکيو ڏينهن اچي ويندو آهي ته، پاڻ عوام سان گڏجي ميدان تي نڪري پوي ٿو. اهڙا سندس کوڙ ڪارناما آهن. جن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگھجي. انهن کي تاريخ ۾ سنهري لفظن ۾ لکيو ويندو. جڏهن بحريه کي لڏرايو پئي ويو. قبرستان ميساريا پئي ويا. تاريخي ماڳ ۽ مڪان ڊاٿا پئي ويا. تڏهن سنڌ جا هڏ ڏوکي، ساڃاهه وند ۽ سموريون قومپرست ڌريون گڏجي پيون هيون. سنڌ مان لکين ماڻهو بحريه ٽائون لڳ ڪراچي جي آڏو جمع ٿي احتجاج ڪرڻ لڳا. ان وقت حڪومت جيڪو ڪردار ادا ڪيو. سو، ڪنهن کان لڪل ڪونه آهي. ان تي ڪنهن ٻئي دفعي لکندس. هن احتجاج ۾ ٻين قومپرست ڌرين سان سيد زين شاهه به دوش بدوش ٿي، ڪلهو ڪلهي سان ملائي شرڪت ڪئي. انهن قومپرستن جي خلاف سنڌ حڪومت هر هڪ تي ٽيهارو کن ڪيس داخل ڪرايا. پهريائين ته، انهن عدالتن مان ضمانتون ڪرايون. پر، سيد زين شاهه جو چوڻ هو ته، اسان ڪوبه نقصان ڪونه ڪيو آهي. اسان پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيڪو هر هڪ ماڻهو جو جمهوري حق آهي. پر، انتظاميه احتجاج جو رخ وڳوڙ جي طرف کڻي ويئي. اسان بي قصور آهيون. جنهن ڪري آئون گرفتاري پيش ٿو ڪريان ۽ جيل ۾ ويهي پنهنجو ڪيس وڙهندس ۽ پاڻ کي بيڏوهي ثابت ڪندس. حالانڪه سندس ان فيصلي تي ڪيترن ئي ماڻهن کيس روڪيو ته گرفتاري پيش نه ڪريو. پر، هن دلير ۽ بهادر اڳواڻ گرفتاري پيش ڪئي. کيس سينٽرل جيل ڪراچي ۾ قيد ڪيو ويو. تڏهن به سندس حوصلا بلند هئا. وڏي همت ۽ جرئت سان قيد جا ڏينهن گذاريا. ڪورٽن ۾ سندس ڪيس هلندا رهيا نيٺ کيس ڪيسن ۾ بي قصور ۽ بيڏوهي قرار ڏيئي باعزتٽائون جي آڙ ۾، سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪيا پئي ويا. ڳوٺاڻن  آزاد ڪيو ويو. اهو، سندس وڏو ڪارنامو هو ته پاڻ وڃي گرفتاري پيش ڪئي جڏهن ته جج صاحب کيس ضمانت جو مدو وڌائي ضمانت ڏيئي رهيو هو. پر، پاڻ انڪار ڪيائين ۽ گرفتاري پيش ڪيائين. ان مان ثابت آهي ته پاڻ هڪ دلير اڳواڻ آهي. جنهن جيل جي تڪليفن، ايذائن ۽ عصوبتن جي ڪابه پرواهه ڪونه ڪئي نه همت هاري ۽ پنهنجي فيصلي تي اٽل رهيو. اها ڳالهه سنڌ واسي وساري نه ٿا سگھن. جڏهن ته پاڻ جيل مان آزاد ٿيو ته هزارين ماڻهن سندس ڀرپور ۽ گرمجوشي سان استقبال ڪيو. اهو استقبال فقيد المثال آهي.

جڏهن نواب ولي محمد لغاري جي ڀرسان، ڀنڊن ۽ زردارين جي وچ ۾ زمين جو تڪرار شروع ٿيو هو. زرداري اقتداري ڌر هئا. طاقتور هئا. حڪومت جا سڀ وسيلا ۽ اختيار انهن جي هٿن ۾ هئا. انهن کي ڪير به چوڻ وارو ڪونه هو. هو، طاقتور ۽ زوراور هئڻ ڪري ڀنڊن جا ڪجهه مڙس ماري وڌائون. ان ۾ هڪ پوليس اهلڪار به مارجي ويو هو. ڀنڊن جي ڪير به واهر ڪرڻ وارو ۽ مددگار موجود ڪونه هو، اهي مدد لاءِ واجهائي رهيا هئا. ان وقت سيد زين العابدين شاهه عرف زين شاهه سر جو سانگو لاهي، ڀنڊن جو مددگار ٿيو ۽ لاش روڊ تي رکي، نواب ولي محمد وٽ نيشنل هاءِ وي بند ڪري ويهي رهيو. هن ڌرڻي ۾ هزارين عورتون ۽ مرد به شامل هئا. ڌرڻي جو منظر انتهائي جذباتي هو. ضلع انتظاميا رابطو ڪيو ته احتجاج ختم ڪيو وڃي. چونڊيل نمائندن به پنهنجي ليول تي ڪوششون ڪيون. پر، ورندي ملي ته ڀنڊن جي زمين تان قبضو ختم ڪريو ۽ زمين جا کاتا مالڪن کي ڏيو. تڏهن هتان اٿنداسون ۽ لاش دفن ڪنداسون. ٻي حالت ۾ هتان واپس وڃڻ ناممڪن آهي. حالتون ايتريون ته خراب ٿي چڪيون هيون جو جناب آصف علي زرداري خود نوابشاهه پهچي چڪو هو ته جيئن معاملو حل ٿي سگھي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻئي ضلع انتظاميه پريشان ٿي ويئي هئي. هن ڌرڻي ۾ ٻين قومپرست اڳواڻن به شرڪت ڪرڻ لاءِ اچڻ شروع ڪيو. ڊاڪٽر قادر مگسي، راشد محمود سومرو، رياض چانڊيو، حليم عادل شيخ، اسدالله کهڙو، ام رباب چانڊيو، سنڌو نواز گهانگھرو ۽ سنڌ جون ٻيون ڪيتريون ئي اهم شخصيتون پهچي چڪيون هيون. واڳ ڌڻي وائڙپ جو شڪار ٿي ويا. جيئن وقت گذرندو پئي ويو. تيئن ئي سنڌ مان ماڻهو ايندا رهيا ۽ انهن جو تعداد وڌندو رهيو. روڊن تي سوين گاڏيون بيهي ويون. غير يقيني ماحول پيدا ٿي پيو هو. جيترا هئا وات اوتريون ئي ڳالهيون ٿي رهيون هيون. پريشاني جو عالم ڏسڻ ۾ پئي آيو. نيٺ حڪومت گوڏا کوڙيا ۽ مظاهرين جا مطالبا مڃيا ويا. تڏهن ڌرڻو ختم ٿيو ۽ ۽ لاش دفن ڪيا ويا. تنهن کان پوءِ سڀ ڪو پنهنجي گھرن ڏانهن روانو ٿي ويو. هتي اهو ذڪر ڪرڻ لازمي ٿو سمجهان ته ڪجهه وقت کان پوءِ مٿئين ڄاڻايل ٻنهي ڌرين جو فيصلو به سيد زين شاهه ڪيو ۽ نبيرو ڪري ٻنهي ڌرين کي ٺاهي ڇڏيائين. اهو شرعي حڪم به آهي ته ٻن ڌرين جي وچ ۾ صلح ڪريو. واضح حڪم آهي ته “فاصلحوبين اخويڪم” ان حڪم تي به عمل ڪيو ويو. بهرحال بيان ڪيل ڌرڻو حڪومتي ماڻهن لاءِ وڏو چيلينج هو.

ٻه سال اڳ ۾ ڳوٺ ماڙي جلباڻي تعلقه سڪرنڊ ضلع شهيد بينظير آباد ( جنهن جو پراڻو ۽ مشهور نالو نواب شاهه آهي) ۾ قانون نافذ ڪندڙن جي هٿان ڳوٺ ۾ اچي فائرنگ ڪري ٻه ماڻهو شهيد ڪري وڌا ۽ ڪجهه زخمي به ڪيا ويا. ان واقعي کان پوءِ سڄي علائقي ۾ خوف و هراس ڇائنجي ويو هو. ماڻهو ڊپ ۾ ورتل هئا. ان وقت مذڪوره شخصيت ڪراچي ۾ موجود هئي. جيئن ئي کيس ان واقعي جي خبر پئي ته ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ هيڏو وڏو هاڃو ٿيو آهي. بيڏوهي ماڻهو گولين جو کاڄ بنجي چڪا آهن. جنهن ڪري شهيدن جون عورتون بيواهه ۽ ٻار يتيم ٿي ويا آهن. سيد زين شاهه کي اها معلومات ملڻ سان ترت ئي ڪراچي کي ڇڏي سڌو مقتولن جي وارثن وٽ پهتو. جيڪي اڳ ۾ ئي لاش رکي روڊ بند ڪري ڌرڻو هنيو ويٺا هئا. پوليس قاتلن تي ايف آءِ آر ڪٽڻ کان لنوائي، نٽائي ۽ لهرائي رهي هئي. پاڻ به ان ڌرڻي ۾ ويهي رهيو. جڏهن انتظاميه ڳالهيون ڪري مسئلو حل ڪرڻ جو وچن ۽ واعدو ڪيو تڏهن اهو ڌرڻو ختم ڪيو ويو. ۽ لاش دفن ڪيا ويا. پوءِ اهو قصو هلندو رهيو. شاهه صاحب جي جدوجهد جاري رهي ته جيئن وارثن کي انصاف ملي سگھي. جنهن نيٺ دنگ ڪيو ۽ وارثن کي حڪومت کان معاوضو وٺي ڏنو. حڪومت جي وزيرن ۽ مشيرن ماڙي جلباڻي ۾ پهچي مقتولن سان عذرخواهي ڪئي ۽ معافي پڻ ورتي.

ڪجهه وقت اڳ ۾ ته، سيد زين شاهه صاحب راڄوڻا فيصلا ڪري امن و امان بحال ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندو هو. پر، هن وقت فيصلن کي گھٽ وقت ڏيئي رهيو آهي. ان جو سبب اهو آهي ته، سندس مصروفيتون ۽ سياسي سرگرميون وڌي ويون آهن. آئون، هن مضمون جي ذريعي کيس م‍ؤدبانه عرض ڪندس ته، ماڻهن جون ناراضگيون دور ڪرڻ لاءِ ۽ جهيڙا ختم ڪرائڻ لاءِ فيصلن تي به ڪجهه وقت صرف ڪري ته جيئن سنڌ واسين جا باهمي اختلاف ختم ٿي سگھن. ۽ هو هڪ پليٽ فارم تي متحد ۽ متفق رهن. هتي اها ڳالهه واضح ڪندو هلان ته، سنڌ جي خلاف ٿيندڙ هر سازش جي خلاف سيد زين شاهه جي اڳواڻي ۾ سکر کان ڪراچي تائين پيادل لانگ مارچ ڪيو ويو هو. جيڪو هڪ وڏو باب آهي. ان کان علاوه جڏهن وفاق زبردستي سنڌو دريا تي ڇهه نوان ڪئنال ٺاهڻ گھريا پئي تڏهن به سيد زين شاهه سربڪف ٿي ميدان تي نڪري پيو هو ۽ جيستائين اهو فيصلو واپس نه ورتو ويو تيستائين پاڻ چين سان ڪونه ستو. روڊن ۽ رستن تي هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.