وزيران ڇڇر قتل ڪيس:ُ جيل ۾ آخري جوابدار جي به ضمانت

سيوھڻ (ن ع آ) ٽي سال اڳ سن ڀرسان قتل ڪيل ناري وزيران ڇڇر قتل ڪيس ۾ جيل ۾ آخري جوابدار جي به ضمانت منظور ٿي وئي،  سيوهڻ جي ايڊيشنل سيشن جج وزيران ڇڇر جي مڙس جوابدار علي بخش ڇڇر جي هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي، ان کان اڳ جيل ڪاٽيندڙ ٻه جوابدار ڪريم بخش ۽ غلام قاد ڇڇر جي پڻ ڪجھ مهينا اڳ ضمانت منظور ٿي چڪي، جڏهن ته ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل پنج وڌيڪ جوابدارن پاران پڻ گرفتاري کان اڳ واريون ضمانتون منظور ڪرايو ويون، مقتولا وزيران ڇڇر جي والد گل محمد ڇڇر جو چوڻ آهي ته پوليس لکين رپيا رشوت وٺي پراپرٽي جو سامان گم ڪري ڇڏيو آهي، دٻاءُ باوجود نياڻيءَ جي قتل ڪيس تان هٿ نه کڻندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.