وفاقي سرڪار جي فيصلي جي آجيان، ڌاريا دهشتگردي ۾ ملوث آهن: زين شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي ملڪ بدر ڪرڻ واري فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته نگران حڪومت اهو ڪم ڪري ڏيکاريو آھي جيڪو جمهوري حڪومتون نه ڪري سگهيون آهن.

ڪراچي مان جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ سيد زين شاهه چيو ته سنڌ ۾ غير قانوني طور رهندڙ ماڻهو منشيات جي ڪاروبار ۽ دهشتگردي ۾ ملوث آهن ۽ انهن کي نيڪالي ڏيڻ سان مثبت نتيجا سامھون ايند.

هن چيو ته گذريل 15 سالن کان پيپلز پارٽي جي  حڪومت افغانين ۽ ٻين پرڏيهين کي شناختي ڪارڊ، ڊوميسائيل، ووٽ، مالڪي جا حق ۽ ڪاروبار جا حق ڏئي خاص ڪري ڪراچي ۾ افغان پناهگيرن جي ڪالونيون ريگيولرائز ڪري سنڌ جي عوام سان ناانصافي ۽ ظلم ڪندي رھي آھي.

ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ ھڪ تاريخي قومي وحدت جي حيثيت سان پاڪستان جي وفاق ۾ شامل ٿي ھئي ۽ ان وفاق ۾ ڊيموگرافي جي تحفظ جو آئيني حق حاصل آھي ان لاءِ صوبي جي عوام ڌارين جي آبادڪاري کي سنڌ ۾ قبول نه ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.