هڱورجا (ن ع آ) جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي رواداري تحريڪ جي اڳواڻ پنھل ساريو چيو آھي ته وفاقي حڪومت افغانين جي سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي غير سنجيده نظر اچي ٿي لکين افغاني سنڌ ۾ غيرقانوني طور تي ترسيل آھن انھن کي نيڪالي ڏيارڻ لاءِ گو افغاني تحريڪ شروع ڪئي آھي 18آڪٽوبر تي محرابپور ۾ تاريخي ريلي ڪڍي ويندي.
هڱورجا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندس ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي پنھل ساريو وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ ھجڻ ڪري سموري معيشت تي پڻ افغاني پٺاڻن جو قبضو آھي حڪمران افغانين کي نيڪالي ڏيڻ ۾ سنجيده نه آھن صرف سکڻا اعلان ڪيا پيا وڃن.
هن وڌيڪ حڪومت ڪراچي ۾ افغاني پٺاڻن جي خلاف جيڪا ڪاروائي ڪئي آھي اھا افسوسناڪ آھي لکين افغانين مان پوليس صرف 7 سئو افغاني پٺاڻن کي گرفتار ڪيو آھي ھنن چيو ته افغاني پٺاڻن پنھنجا شناختي ڪارڊ پڻ ٺھرايا آھن.