غلام سرور چانڊيو ڪيس ۾”قمبروارن“ جي چوڻ تي منهنجو نالو ڏنو ويو،کين خبر پئجي ويندي: نادر مگسي

شھدادڪوٽ/وارهه ( نمائندا ) پيپلز پارٽي جي اڳوڻي ايم پي اي مير نادر مگسي چيو آهي ته ڪجهه وقت اڳ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ تڪرار دوران جڏهن ھڪ ڌر پاران قمبر جي چانڊين جو خونن ۾ نالو ڏنو پئي  ويو ته مان آمريڪا مان ويھي ڪري قمبر وارن کي آگاھ ڪيو ته توھان جو ايف آءِ آر ۾ نالو ڏنو ٿو وڃي، پر قمبر وارن منهنجي چڱائي جو اھو بدلو ڏنو جو ميھڙ ۾ قتل ٿي ويل ھڪ چانڊيي جي خون جي ايف آءِ آر ۾ سنئون سڌو منھنجو نالو ڏياريو آهي ،ھاڻي رستو انهن کوليو آهي وڌيڪ اڳتي خبر پوندي،شھدادڪوٽ تعلقه اسپتال جي دوري دوران صحافين سان ڳالھائيندي مير نادر مگسي وڌيڪ چيو ته ام رباب کي مون ڪڏهن به نه آهي  ڏٺو ۽ نه وري ڪڏهن ڪيس يا گولين توڙي جھيڙي ۽ ڪنهن ٻي معاملي ۾ ڪا مدد ڪئي آهي جيڪڏهن ڪنهن وٽ اھڙي ثابتي آهي ته مان ان جوابدار آھيانهوڏانهن مير نادر خان مگسي نازيا چنا جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ وارهه پهتو جتي هن وارثن سان تعزيت ڪئي نادر مگسي چيو ته هي هڪ افسوس ناڪ واقعو پيش آيو آھي، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي،  اسان معصوم نياڻي جي وارثن سان هرموڙ تي گڏ آھيون، هي وارھہ جي نہ بلڪي سنڌ جي نياڻي آھي، وارثن تي هر قسم جو مٿن دٻاءُ وڌو ويندو  مگر ڪڏهن به هن ڪيس تان هٿ نه کنيو وڃي اهڙا واقعا معاف ڪرڻ جوڳا ناهن هوندا . نياڻي جي قتل ۾ ملوث قاتلن کي عبرتناڪ سزا ملڻ گهرجي ، هن معاملي بابت ايس ايس پي قمبر سان  رابطو ٿيو آھي، جنھن پاران ٻڌايو ويو آهي ته ڪيس ڪافي اڳڀرائي ٿي آهي، ان موقعي تي ساڻس پ پ اڳواڻ علي رضا چولياڻي، اعجاز ڪلهوڙو، ڪائونسلر صادق تنيو ۽ ٻيا گڏ هئا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.