عوام تي اعتماد نه ڪندڙ پارٽيون چونڊن کان فرار پيون ٿين: نثار کهڙو

ڪراچي(رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر سينيٽر نثار کهڙو چيو آهي ته جن سياسي جماعتن کي عوام تي اعتماد ناهي اهي  جماعتون چونڊن کان فرار ٿيڻ جو رستو ڳولھي رهيون آهن. عوام ۾ پنهنجي مقبوليت وڃائيندڙ جماعتون چونڊن کان خوفزده ٿي چونڊن ۾ دير چاهن ٿيون.

هڪ بيان ۾ هن چيو ته اليڪشن ڪميشن طرفان عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان نه ڪرڻ سبب خدشا وڌي رهيا آهن ان لاءِ اليڪشن ڪميشن قوم کي ابهام مان ڪڍڻ لاءِ عام چونڊن جي تاريخ ۽ شيڊيول جو اعلان ڪري.

نثار کهڙو چيو ته جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان پاران سنڌ جي نگران وڏي وزير کي پيپلز پارٽي جي بي ٽيم قرار ڏيڻ جا الزام چونڊن کان اڳ پنهنجي شڪست ڏسي دٻاءُ وڌائڻ جي ڪوشش آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.