حيدرآباد جي راجپوتانا اسپتال بند ڪرڻ جا افواهه، 42 ايڪڙ الاٽمينٽ ختم ڪرڻ جا سانباها

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ فلاحي مقصدن جي لاءِ قائم ٿيڻ بعد خانگي اسپتالن جيان ڪاروبار جي لاءِ استعمال ٿيندڙ ولي ڀائي راجپوتانا اسپتال کي بند ڪري ان جي جاءِ ھڪ ھوٽل ٺاھڻ بابت سوشل ميڊيا تي افواھھ ھلندڙ آھن، پر ان سان گڏ اھو به انڪشاف ٿيو آھي ته حيدرآباد جي ضلعي انتظاميا پاران راجپوتانا اسپتال کي فلاحي مقصدن بدران ڪاروباري مقصدن لاءِ استعمال ٿيڻ تي اسپتال  کي مليل 42 ايڪڙ 10 گهنٽا زمين جي الاٽمينٽ ختم ڪرائڻ لاءِ لکپڙهھ شروع ڪئي وئي آھي. ذريعن موجب حيدرآباد جي خيراتي مقصدن لاءِ قائم ڪيل راجپوتانا اسپتال کي ڪاروباري مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ واري معاملي تي حيدرآباد جي اڳوڻي ڊي سي فواد غفار سومرو پاران پنهنجي صحيح سان 2021ع ۾ روينيو کاتي جي سيڪريٽري ۽ ليڊ يوٽيلائيزيشن جي سيڪريٽري کي راجپوتانا اسپتال واري ايراضي جي ليز ختم ڪرائڻ لاءِ جاري ڪيل ليٽر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 1965ع ۾ ديهھ ڄامشورو ۾ 309 ايڪڙ سرڪاري زمين آل پاڪستان راجپوتانا فيڊريشن کي خيراتي اسپتال ۽ ڪاليج جي تعمير ڪرائڻ لاءِ الاٽ ڪئي وئي هئي، ليٽر ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته قاعدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 2007ع ۾ سپريم ڪورٽ پاران راجپوتانا فائونڊيشن کي صرف 42 ايڪڙ 10 گهنٽا زمين ڏني وئي، جنھن تي هن وقت اسپتال تعمير ٿيل آهي، جڏهن ته باقي زمين عدالتي حڪم تحت قانوني مالڪن کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو. ٻڌايو پيو وڃي تھ راجپوتانا اسپتال کي ڪاروباري مقصدن جي لاءِ استعمال ڪرڻ واو معاملو تڏھن شروع ٿيو جڏھن ڪورونا وبا دوران اسپتال ۾ آئيسوليشن وارڊ قائم ڪرڻ کانپوءِ اسپتال انتطاميا ضلعي انتظاميا کي ڪروڙين روپين جو بل موڪليو ھو. جنھن جو ذڪر اڳوڻي ڊي سي پنھنجي ليٽر ۾ پڻ ڪيو، اڳوڻي ڊي سي ليٽر ۾ ڄاڻايو هو ته راجپوتانا اسپتال فلاحي اسپتال ناهي رهي، اسپتال کي ڪاروباري مقصدن تحت هلايو پيو وڃي، ڪورونا ۾ اسپتال ۾ آئيسوليشن وارڊ قائم ڪرڻ لاءِ ٻه ڪمرا ڏنا ويا ھئا، جنهن جا ضلعي انتظاميا کان 4 ڪروڙ روپيا وصول ڪيا ويا، ليٽر ۾ سفارش ڪئي وئي ته راجپوتانا اسپتال واري 42 ايڪڙ 12 گهنٽا زمين جي الاٽمينٽ رد ڪئي وڃي، سوشل ميڊيا تي اھي افواھھ ھلندڙ آھن تھ راجپوتا اسپتال جي زمين ھڪ اڳوڻي صوبائي وزير کي ڏني وئي آھي ۽ اھڙي افواھھ بابت ان اڳوڻي صوبائي وزير جي ٽوئٽر آئي ڊي واري ٺھيل ھڪ پوسٽ بھ وائرل ٿيل آھي جنھن ۾ اھو اڳوڻو صوبائي وزير ان ڳالھھ جي سختي سان ترديد ڪري رھيو آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.