عثمان ڊار جي پي ٽي آءِ ۽ سياست کان توبهه، 9 مئي ڪارو داغ قرار

اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عثمان ڊار پي ٽي آءِ ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. نجي ٽي وي چئن کي انٽرويو ۾ عثمان ڊار چيو ته 9 مئي حملن جو مقصد فوج تي دٻاءُ وجهي آرمي چيف جنرل عاصم  منير کي عهدي تان هٽائڻ هو، پارٽي جي موجوده صورتحال جو ذميوار چيئرمين پاڻ آهي. هن چيو ته 9 مئي واقعن جو منصوبو زمان پارڪ ۾ ٺاهيو ويو، پي ٽي آءِ چيئرمين فوج سان ٽڪراءَ جي پاليسي جي قيادت ڪئي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري جي صورت ۾ حساس ملڪيتن کي نشانو بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي، پي ٽي آءِ چيئرمين پاڻ کي گرفتاري کان بچائڻ لاءِ ڪارڪنن جي ذهن سازي ڪئي، ڪارڪنن کي انساني ڍال طور استعمال ڪيو ويو، تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ جنرل عاصم منير جي آرمي چيف طور مقرري روڪرائڻ لاءِ ڪيو ويو هو. حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ ٻه گروپ ٺاهيا ويا، مراد سعيد، اعظم سواتي، حماد اظهر، فرخ حبيب هڪ گروپ ۾ هئا، اهو گروپ ٽڪراءَ واري سياست تي يقين رکندو هو.

عمران خان صدر عارف علوي کان مايوس آهي: عليما خان

لاهور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي ڀيڻ عليما خان جو چوڻ آهي ته پارٽي چيئرمين پاڪستان جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي کان مايوس آهي ڇاڪاڻ ته هو پنهنجو آئيني ڪردار ادا نه ڪري سگهيو. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀيڻ عليما خان چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين  جو وزن گهٽجي ويو آهي پر سندس حوصلا بلند آهن، پي ٽي آءِ چيئرمين وٽ ورزش ۽ هلڻ لاءِ جاءِ ناهي. عليما خان موجب پي ٽي آءِ چيئرمين جو چوڻ آهي ته سائفر ڪيس ۾ ڊگهي قيد جي تياري ڪئي پئي وڃي، عمران خان جو چوڻ آهي ته ساڻس ڳالهائڻ لاءِ ڪير به ناهي آيو.

خواجا آصف! تنهنجو مقابلو مان ڪنديس،عمران سان گڏ آهيان

سيالڪوٽ(م ڊ) گرفتاري بعد اوچتو ظاهر ٿي پي ٽي آءِ کان لاتعلقي ظاهر ڪندڙ اڳواڻ عثمان ڊار جي والده پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي  ته خواجا آصف! تو جيڪو چاهيو پئي اهو تو عثمان ڊار کي گن پوائنٽ تي اغوا ڪري حاصل ڪيو آهي، سياست عثمان ڊار ڇڏي آهي هن جي ماءُ نه، هاڻي تنهنجو مقابلو مان ڪنديس،منهنجو تو کي چئلينج آهي ته تون ميدان ۾ اچ پوءِ ڏس ته تنهنجي شينهن جو مان ڪهڙو حشر ڪريان ٿي، هن چيو ته تو جيڪي چاهيو پئي اهو تو ڪري ڏيکاريو، منهنجو پهرين به پيغام هو ته مان عمران خان سان گڏ ڄمي بيٺل آهيان ۽ هن جو ساٿ جاري رکنديس، سياست مون ناهي ڇڏي،هاڻي ميدان ۾ اچ ته پوءِ ڏسندي ڇا ٿو ٿئي،

عثمان ڊار ايترا ڏينهن ڪٿي گم هو؟ پي ٽي آءِ

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ جي شعيب شاهين چيو ته عثمان ڊار گهڻو ڪجهه برداشت ڪيو پر برداشت جي به ڪا حد هوندي آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين ته گرفتار هو هن کي ڪهڙي خبر ته پٺيان ڇا ٿي رهيو آهي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته عثمان ڊار رضاڪاراڻي طور بيان ڏيڻ پئي چاهيو ته ايترا ڏينهن ڪٿي گم ڪيل هو؟ سنڌ جي نگران گهرو وزير چيو هو ته عثمان ڊار گرفتار آهي، عثمان ڊار کي مجبور ڪري بيان ڏياريو ويو آهي، 9 مئي واقعن تي عثمان ڊار اڄ تائين ڇو خاموش هو؟ صدر مملڪت عارف علوي پنهنجي منصب تحت آئيني ذميواريون ادا نه ڪيون، 9 واقعن جي مذمت ڪريون ٿا، اسد عمر ڪڏهن اهو ناهي چيو ته 9 مئي واقعن ۾ عمران خان ملوث آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.