افغانين جي نيڪالي جو فيصلو قبول ناهي، پاڪستان نظرثاني ڪري

ڪابل(مانيٽرنگ ڊيسڪ )افغان شهرين کي غير قانوني طور ملڪ بدر ڪرڻ واري پاڪستان جي فيصلي کي ناقابل قبول قرار ڏئي ڇڏيو.

افغان طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته پاڪستان جو غير قانوني افغان شهرين کي ملڪ بدر ڪرڻ جو فيصلو ”ناقابل قبول“ آهي ۽ اختيارين تي زور ڏنو آهي ته هو پاليسي تي نظرثاني ڪن.

سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي اردو ۽ انگريزي ۾ هڪ بيان ۾ ذبيح الله مجاهد چيو ته پاڪستان ۾ افغان پناهگيرن سان ٿيندڙ سلوڪ ناقابل قبول آهي، کين پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي.

هن وڌيڪ چيو ته افغان پناهگيرن جو پاڪستان جي سڪيورٽي مسئلن ۾ ڪو به هٿ ناهي، جيستائين افغان پناهگير رضامندي ۽ خوشي سان پاڪستان مان نه ٿا وڃن تيستائين کين صبر ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.