ڪراچي ۾ گم ڪيل بلوچن جي آزادي لاءِ مارچ، زرينه بلوچ سڀني کي روئاري ڇڏيو

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب آڏو وائس فار بلوچ مسنگ پرسنز پاران گم ڪيل بلوچ نوجوانن جي آزادي لاءِ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، مظاهري ۾ شامل زرينه بلوچ پنهنجي گم ڪيل ور شبير بلوچ جي آزادي  جو مطالبو ڪندي اسٽيج تي زارو قطار روئي ڏنو.

سندس وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، هر حساس دل ان کي ڏسي غم ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو،لڙڪن۽ آهن ۾ ٻڏل زرينه بلوچ هڏڪيون ڀريندي رياست کان سوال اٿاريو ته مون کي ٻڌايو وڃي ته مان شادي شده آهيان يا بيواهه، مان اهو سوال سالن کان ڪري رهي آهيان پر اڃا تائين ڪو به جواب ناهي مليو.

سيما بلوچ روئيندي چيو ته رياست منهنجي ڀاءُ ۽ ڀيڻ جو ٻالڪپڻو کسي ورتو اهي، اسان جا گم ڪيل پيارا ڪٿي آهن،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.