نئين پارٽي ۾ شاهد خاقان جو اهم ڪردار هوندو: مصطفيٰ کوکر

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته نئين سياسي پارٽي جي جيتري اڄ گنجائش آهي ڪڏهن ناهي رهي، ملڪ اڄ جنهن حالت ۾ پهتو آهي ان ۾ عدليه، اسٽيبلشمينٽ، سياستدانن، ڪامورن، واپارين سڀني جو  ڪردار شامل آهي.

هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ملڪي معاشي صورتحال حد کان وڌيڪ خراب آهي، سڌارن کان بغير ملڪ اڳتي نه وڌندو، هن چيو ته پاڪستان ۾ غربت جي شرح ڀارت ۽ بنگلاديش کان وڌيڪ خراب آهي، ملڪ نه پيو هلي سگهي.

هن چيو ته سمورين سياسي جماعتن جون ناڪاميون سڀني جي سامهون آهن، هن چيو ته نئين پارٽي ٺهي ته ان ۾ شاهد خاقان عباسي جو اهم ڪردار هوندو، سمورن دوستن جي مشاورت سان قدم کڻندو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اعتراف ڪيو آهي ته ججن ڊڪٽيٽرن جو ساٿ ڏنو،هن جو بيان آجيان جوڳو آهي.

هوڏانهن هڪ ٻئي چئنل سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته هن وقت ملڪ اسٽيبلشمينٽ ۽ فوج هلائي رهي آهي، ملڪ کي چونڊيل نمائندن کي هلائڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو  ته ساڍا 9 ڪروڙ پاڪستاني غربت جي لڪير کان هيٺ هليا ويا آهن، ڪنهن به پارٽي ملڪ جي مسئلن تي ناهي ڳالهايو.

هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه اهڙا سٺا سياستدان به آهن جيڪي ڪنهن جي خوشامد ناهن ڪندا، انهن کي ڪابه پارٽي کڻڻ لاءِ تيار ناهي هوندي، ڪيترائي ڀيرا مون پ پ ۾ رهندي پارٽي سان اختلاف ڪيو، احتجاج ڪيو، جنرل باجوا سان رڳو هڪ ملاقات ٿي آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.